حيدرآباد: مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سندس ڪيس هلائڻ لاءِ مظاهرو،بک هڙتال

پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) ضلع حيدرآباد پاران شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سندس ڪيس هلائڻ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي. مظاهري ۽ بک هڙتال ۾ ضلعي اڳواڻن ايڊوڪيٽ پيرل مجيداڻوسميت سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سندن چوڻ هوته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو عوامي ليڊر هو جنهن کي رستي تي شهيد ڪري عوام کان سندن ليڊر کسيو ويو، هنن چيو ته مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کي 25 سال گذرڻ باوجود انصاف نه ٿو ڏنو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن کي گرفتار ڪري انهن تي ڪيس هلايو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.