گمبٽ: سنگرار مان اغوا ٿيل سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پيادل مارچ

سنگرار مان اغوا ٿيل سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاء سول سوسائٽي ۽ هندو برادري پاران ايس ايس ڊي ڌام کان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جئي پرڪاش۔ادريس سومرو۔سڪندر چانڊيو۔اشوڪ ڪمار ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هندو برادري سان ظلم وڌندا پيا وڃن جيڪي بند ڪيا وڃن، هندو برادري سنڌ جي وارث آهي ، هنن چيو ته ڪڏهن اسان جي نياڻين کي اغوا ڪري مسلمان ڪيو پيو وڃي ته ڪڏهن نوجوانن کي قتل ڪيو پيو وڃي، هنن جو چوڻ هو ته پريا ڪماري جي بازيابي لاء سکر پوليس ڪک ٻڃي ٻيڻو ناهي ڪيو جنهن ڪري وارثن ۾ ڪهرام متل آهي۔ هنن مطالبو ڪيو ته هندو برادري سان ٿيندڙ ظلمن تي وزيراعظم پاڪستان نوٽيس وٺي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي ۽ هندو برادري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.