ميهڙ:ام رباب ڪيس، سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي عدالت جوابدار نامزد ڪري ڇڏيو

دادو جي عدالت اُم رباب جي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي جوابدار طور نامزد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

دادو جي عدالت اُم رباب جي درخواست تي  محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، فيصلي دوران اُم رباب ۽ جوابدار عدالت ۾ موجود هئا.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي ايف آءِ آر ۾ شامل ڪري ڪيس هلايو وڃي.

فيصلي جي ٻڌائڻ وقت سيڪيورٽي اهلڪارن ماڻهن کي عدالتي احاطي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو هو، ۽ عدالت جي اندر توڙي ٻاهر سيڪيورٽي انتظا سخت ڪيا ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.