ڪراچي:قائداعظم جي اصولن تي هلڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪندو:وڏو وزير مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قائداعظم محمد علي جناح جي ورسي جي موقعي تي سندس مزار تي حاضري ڀري ۽ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان کي هڪ پرامن ۽ جمهوري قوم بڻائڻ لاءِ قائم ڪيو هو. هن چيو ته اسان کي قائداعظم جي مشن تي ان جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي اڳتي وڌڻو آهي ۽ جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ڪشمير سندس حصو هو پر بعد ۾ ان تي هندستان قبضو ڪيو. تنھنڪري اسان کي پنھنجي ڪشميري ڀائرن کي  به ضرور ياد رکڻ گھرجي جيڪي مسلسل ڀارتي قبضي ۽ جارحيت خلاف وڙھي رھيا آھن. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو  ته ڪي ايم سي  ٽيڪس اوڳاڙي کي بهتر منصوبي تحت ان کي بجلي جي بلن سان گڏ اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن شهر ۽ ان جي عوام جي مفاد ۾ اوڳاڙي جي هدفن کي حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته صوبائي حڪومت اورنج لائين منصوبو وفاقي حڪومت جي گرين لائين منصوبي سان گڏ شروع ڪندي. هن چيو ته اسان شهر ۾ 250 بسون آڻي رهيا آهيون پر پروجيڪٽ ۾ ڪجهه ٽيڪنيڪل مسئلن سبب دير ٿي آهي ،مراد علي شاهه چيو ته هن ڀيري نالن جي صفائي نيڪالي واري نظام ۾ سڌاري سبب برسات جو پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾ گڏ نه ٿيو آهي جيئن ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملير ايڪسپريس وي، ريڊ لائين بي آر ٽي ۽ بليو بي آر ٽي تي ڪم جلد شروع ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.