اليڪشن ڪميشن جي سياسي جماعتن کي اهم هدايت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سموريون سياسي جماعتون وقت تي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائن.

اليڪشن ڪميشن طرفان سڀني سياسي جماعتن جي سربراهن کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته مشاهدي ۾ آيو آهي ته سياسي جماعتون وقت تي پارٽي اليڪشن ناهن ڪرائينديون، اهو قانون ۽ جماعتي دستور جي خلاف آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب وقت گذرڻ تي مهلت جون درخواستون ڪيون وينديون آهن، سموريون جماعتون وقت تي انٽرا پارٽي چونڊن کي يقيني بڻائن.

خط ۾ چيو ويو آهي ته سياسي جماعتون اليڪشن ڪميشن ايڪٽ جي سيڪشن 208 تحت پنهنجي پارٽي آئين موجب انٽرا پارٽي چونڊن جون پابند آهن، هر سياسي جماعت 5 سالن جي اندر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي پابند آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.