سعودي عرب جي ملوث هجڻ جو ثبوت ناهي مليو: نائن اليون انڪوائري ڪميشن جو سربراهه

نائن اليون انڪوائري ڪميشن جي سربراهه ٽامس ڪين چيو آهي ته آمريڪا ۾ پيش آيل واقعن ۾ سعودي عرب جي ملوث هجڻ جا ثبوت ناهن مليا.

هن چيو ته جهازن جي حملي کي روڪي سگھجي پيو، واضح رهي ته سعودي حڪومت آمريڪا جي 11 سيپٽمبر وارن دهشتگرد حملن بابت ڳجها دستاويز سامهون آڻڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.

سعودي عرب جو چوڻ آهي ته هن 11 سيپٽمبر جي معاملي تي سدائين شفافيت تي زور ڏنو آهي، اميد آهي ته ڳجها دستاويز سامهون اچڻ سان سعودي عرب خلاف بي بنياد الزام هميشه لاءِ ختم ٿي ويندا.

واضح رهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن تازو ئي 11 سيپٽمبر 2021ع پي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيل حملن بابت ڳجها دستاويز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

آمريڪي صدر حڪومتي جاچ جا ڳجها دستاويز ايندڙ مهيني جاري ڪرڻ جي حڪم نامي تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.