رنگ ڀوري ڪرڻ لاءِ هڪ وڌيڪ سولو طريقو

 

هن وقت تائين اسان پنهنجي پڙهندڙن کي پنهنجي چهري جو رنگ صاف ۽ ڀورو ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا ٻڌائي چڪا آهيون جيڪي نه رڳو انهن جي چهري ۽ چمڙي لاءِ فائديمدن ثابت ٿيا آهن پر انهن جي صحت تي به تمام سُٺا اثر پيا آهن.

چهري جو رنگ ڀورو ۽ صاف ڪرڻ جي ڪيترائي ماڻهو اڪثر ڪري عورتون پريشان هونديون آهن جيئن اسان اڳ ۾ به ذڪر ڪري آيا آهيون ته اهي ان مسئلي جي حل لاءِ جيڪي طريقا اختيار ڪن ٿا اهي نه رڳو انهن جي صحت لاءِ نقصانڪار هوندا آهن پر انهن سان انهن جي کيسي تي به ڳرا خرچ پوندا آهن جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هن وقت ڪنهن جي برداشت ڪرڻ جي وس جي ڳالهه ته ناهي.

رنگ ڀوري ڪرڻ جي لاءِ پارلرن ۽ رات جي ڪيميڪل ميليل ڪريمن جي فائدن مان ته سڀڪو باخبر آهي ته ڪهڙي ريت ڪيميڪل مليل ڪريمون ڪجهه ئي ڏينهن ۾ رنگ کي ڀورو ڪري ڇڏينديون آهن ۽ انهن جي استعمال ڪندڙن کي اها به خاصي خبر هوندي ته ڪيميڪل مليل ڪريمن جا انهن جي چهرن تي ڪهڙا نه نقصانڪار اثر پيا هوندا.

اسان توهان کي ٻڌائيندا هلون ته ڪيميڪل مليل ڪريمن جي ڪري توهان جو چهرو ٿوري وقت کانپوءِ اڳ کان به وڌيڪ خراب بڻجي ويندو آهي نه رڳو ايترو پر جيڪڏهن توهان لڳاتار ڪيميڪل ڪريمن جو استعمال ڪيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن توهان کي پنهنجي چهري جي سرجري به ڪرائڻ جي ضرورت پئجي ويندي آهي يا پئجي سگهي ٿي.

انهن ڪريمن جي استعمال سان جيڪي چمڙي جون بيماريون به ٿي سگهن ٿيون جنهن جي ڪري توهان اڪثر ڪري قدرتي شيون جهڙوڪ کِيرا، فروٽ وغيره مليل ڪريمن کي ئي ترجيح ڏيندا آهيو جن جا توهان کي نه هئڻ برابر نقصان ٻڌايا ويندا آهن پر تنهن هوندي به مختلف بيوٽي ڪريمز توهان جي چهرن لاءِ فائدن کان وڌيڪ نقصانڪار ئي هونديون آهن.

هتي اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اسان توهان لاءِ هڪ اهڙو نسخو کڻي آيا آهيون جنهن لاءِ اسان توهان کي اها صلاح ضرور ڏينداسين ته گهٽ ۾ گهٽ انکي هڪ ڀيرو لڳاتار 15 ڏينهن استعمال ڪري ڏسو جيڪڏهن توهان کي فائدو نه پهچي ته پوءِ ذميواري اسان جي آهي.

ان نسخي جي استعمال سان توهان جو رنگ جادوئي طريقي سان ڀورو ۽ صاف بڻجي ويندو ۽ توهان جو سالن وارو خواب رڳو ٻن هفتن ۾ پورو ٿي سگهي ٿو.

شيون

خشڪ کير

ليمي جي رس

بادام جو تيل

اهي ٽي شيون اهڙيون آهن جن جي استعمال سان توهان جو چهرو اهڙو ته چمڪدار، پرڪشش ۽ خوبصورت ٿيندو جو توهان پاڻ ئي دنگ رهجي ويندا.

استعمال جو طريقو

خشڪ کير جو هڪ چمچو گهٽ ۾ گهٽ ٻه چمچا ليمي جو رس ۽ اوترو ئي بادام جو تيل پاڻ ۾ صحيح نموني ملائي وٺو.

ٿي ويو تيار توهان جي لاءِ نسخو جنهن کي آساني سان توهان استعمال ڪري پنهنجي وڏي پريشاني ختم ڪري سگهو ٿا.

ان نسخي کي پنهنجي منهن تي صحيح نموني لڳائي رڳو پندرهن منٽن تائين انکي چهري تي لڳل رهڻ ڇڏيو.

انکانپوءِ پنهنجي چهري کي صاف پاڻي سان ڌوئي وٺو.

رڳو پندرهن کان ويهه ڏينهن جي لڳاتار استعمال سان توهان جو چهرو اڳ کان بهتر ۽ پرڪشش بڻجي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.