عليم خان جو هڪ ڀيرو ٻيهر وزارت ڇڏڻ جو فيصلو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سينيئر وزير عليم خان وزارت تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي عليم خان چيو ته ذاتي مصروفيتن سبب استعيفيٰ ڏيڻ چاهيان ٿو، وزيراعظم سان 6 مهينا اڳ ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ ان کان استعيفيٰ جي اجازت گهري هئي، وزيراعظم کي ٻه ٽي ڀيرا وزارت تان استعيفيٰ ڏيڻ جو چئي چڪو آهيان.

هن چيو ته وزيراعظم جنهن ڏينهن اجازت ڏيندو ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس.

واضح رهي ته تازو پنجاب حڪومت چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کي به عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ صوبائي ڪابينا ۾ ڦير ڦار جو امڪان به ظاهر ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.