ڪورونا ويڪسينيشن بابت عمر جي نئين حد مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي وبا ڪورونا وائرس خلاف مختلف ويڪسينز ٺهڻ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ ماڻهن کي ويڪسين هڻڻ جو سلسلو جاري آهي.

پاڪستان ۾ به عوام کي ويڪسينيشن ڪئي پئي وڃي، حڪومت طرفان سرڪاري ملازمن ۽ عام شهرين کانپوءِ هاڻ شاگردن جي ويڪسينيشن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته هاڻ حڪومت طرفان ڪورونا ويڪسين لاءِ عمر جي نئين حد مقرر ڪئي وئي آهي.

ملڪ ۾ 18 ورهين يا ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، جڏهن ته هاڻ اين سي او سي 15 کان 18 ورهين تائين عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

اين سي او سي طرفان ڪورونا ويڪسين لڳائڻ لاءِ عمر جي حد گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 13 سيپٽمبر کان 15 سالن تائين عمر وارن کي به باقاعدي طور ويڪسين لڳائڻ جھو عمل شروع ڪيو ويندو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر چيو آهي ته 15 کان 18 سالن جي عمر وارن کي فائزر ويڪسين مفت ۾ لڳائي ويندي.

بيان موجب سڀني مرڪزي ويڪسينيشن سينيٽرن تي فائرز ويڪسين موجود هوندي، جڏهن ته موبائل ويڪسينيشن ٽيمون اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ وڃي ويڪسينيشن ڪنديون.

اين سي او سي چيو آهي ته ميسيج جو انتظار ڪرڻ بنا ڪنهن به ڏينهن ٻيو ڊوز لڳرائي سگهجي ٿو، ٻئي ڊوز لاءِ آچر جو ڏينهن خاص طور مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.