ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار پاران ناريءَ کي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي زمان ٽائون ٿاڻي جي حدن ۾ ناريءَ سان زيادتي جي الزام ۾ هڪ پوليس اهلڪار کي ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.

ناري الزام هنيو ته پوليس اهلڪار مون کي ويڊيوز ٺاهڻ لاءِ هٿيار ڏيندو هو ۽ موبائل ۾ گهمائيندو هو، هن نوڪري ڏيارڻ جو ڏٽو ڏئي گيسٽ هائوس ۾ لڄالٽ جو نشانو بنايو ۽ ويڊيو به ٺاهي.

متاثر ناري موجب جوابدار ويڊيوز ذريعي بليڪ ميل ڪري زيادتي ڪندو رهيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪار کي 5 ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ناري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.