ڪورونا وائرس کان بچائيندڙ کاڌا

 

ڪورونا وبا دنيا ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان هن وقت تائين صحت جي سائنسدانن ڪيتريون ئي ويڪسينون ايجاد ڪيون آهن جن کي لڳرائي وائرس کان پاڻ کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو پر تنهن هوندي به سڀ کان اهم بچاءُ جو طريقو احتياط ئي ڄاڻايو ويو آهي.

ان سان گڏ هن وقت تائين صحت جي ماهرن ڪورونا کان بچڻ لاءِ ڪيتريون ئي کائڻ پيئڻ جون شيون به ٻڌايون آهن جي جي استعمال سان ڪورونا وائرس سان بچي سگهجي ٿو ۽ گهڻي قدر ماڻهو انهن شين کي استعمال به ڪري رهيا آهن ۽ انهن جا فائدا به ظاهر ٿيا آهن.

هن وقت تائين ٻين شين سان گڏ ڪورونا کان بچاءَ جي لاءِ مختلف قسمن جي چانهه جن ۾ گرين ٽي وغيره به شامل آهي کي به ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

ان سان گڏ ڪورونا وائرس کان بچڻ جي لاءِ ڪيترائي ٽوٽڪا به استعمال ڪيا وڃن ٿا جن ۾ اڪثر نسخا ديسي ۽ گهڻي قدر فائديمند به آهن.

ماهرن چيو آهي ته ڪووڊ 19 سان متاثر ٿيڻ جا خطرا گهٽائڻ جي لاءِ سڀ کان بهترين مددگار اسان جي کاڌ خوراڪ آهي جيڪا بيماري کان بچاءَ جي لاءِ تمام گهڻي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي.

برطانيا ۽ آمريڪا جي طبي ماهرن جي گڏيل تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته صحت جي لاءِ فائديمند کاڌن جو استعمال ڪندڙ ماڻهو ڪووڊ 19 مان متاثر ٿيڻ جو امڪان ٻين جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندو آهي.

ڪنگز ڪاليج لنڊن ۽ هارورڊ ميڊيڪل اسڪول جي ان تحقيق ۾ زوئي ڪووڊ اسٽڊي ايپ جي لڳ ڀڳ 6 لک ماڻهن جي ڊيٽا جي جاچ پڙتال ڪئي وئي.

انهن ماڻهن کي فيبروري 2020 دوران کاڌي جي عادتن جي حوالي سان هڪ سروي جو حصو بڻايو ويو، جڏهن انهن ملڪن ۾ ڪورونا جي وبا اڃا نه ڦهلي هئي انکانپوءِ انهن مان 19 سيڪڙو ماڻهن ۾ ڪووڊ جي سڃاڻپ ڪئي وئي.

تحقيق ۾ ڳوليو ويو ته جيڪي ماڻهو صحت جي لاءِ فائديمند کاڌا استعمال ڪندا آهن انهن ۾ غير معياري کاڌا کائڻ واري ماڻهن جي مقابلي ۾ ڪووڊ مان متاثر ٿيڻ جا خطرا 10 سيڪڙو ۽ ڪووڊ ۾ مبتلا ٿيڻ جي صورت ۾ سنگين بيماري جا خطرا 40 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندا آهن.

اها پنهنجي نوعيت جي پهرين تحقيق آهي جنهن ۾ کاڌي ۽ ڪووڊ 19 جي وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو ۽ ثابت ٿيو ته صحت بخش کاڌن مان بيمارين مان متاثر ٿيڻ جا امڪان گهٽجي ويندا آهن، مخصوص کاڌن يا شين جي بدران ان سروري ۾ وڏي پيماني تي غذائي رجحاڻن کي ڄاڻن لاءِ ذيزائن ڪيو ويو.

تحقيق موجب فروٽن، سبزين، اناج ۽ چرٻي واري مڇي تي ٻڌل کاڌا صحت جي لاءِ تمام گهڻا فائديمند جڏهن ته پراسيس کاڌن جو گهڻو استعمال نقصانڪار آهي.

نتيجن مان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو صحت جي لاءِ بهترين غذا جو استعمال عادت بڻائين ٿا انهن ۾ڪووڊ جا خطرا ٻين جي مقابلي ۾ 10 سيڪڙو گهٽ هوندا آهن.

سمورن عملن جهڙوڪ جسماني وزن، عمر، سگريٽ نوشي، جسماني سرگرمين ۽ اڳ ۾ ئي مختلف بيمارين کي نظر ۾ رکندي به عذا جي معيار ۽ ڪووڊ جي خطرن وچ ۾ لاڳاپا برقرار رهيا.

تحقيق مان اهو معلوم ٿيو ته جيڪي ماڻهو غريب ملڪن جا رهائشي ۽ غير معياري کاڌن جو استعمال ڪندا آهن انهن ۾ ڪووڊ جي هجڻ جا خطرا ٻين جي مقابلي ۾ 25 سيڪڙو وڌيڪ هوندا آهن.

اهڙن نتيجن جي بنياد تي ماهرن اندازو لڳايو آهي ته ڪووڊ جي لڳ ڀڳ چوٿون حصو ڪيسن جي روڪٿام ممڪن آهي جيڪڏهن غذا جي معيار ۽ سماجي حيثيت کي بهتر بڻايو وڃي ته.

واضح رهي ته ان تحقيق جا نتيجا طبي ميگزين جرنل گِٽ ۾ ڇپيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.