ملڪ ۾ ڪورونا جو زور گهٽجڻ لڳو، ڏيڍ مهيني کانپوءِ گهٽ ڪيس رپورٽ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر دوران هاڪاري ڪيسن جي شرح ڏيڍ مهيني کانپوءِ 6 سيڪڙو کان هيٺ اچي وئي.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 82 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 3480 نوان مريض به سامهون آيا.

سرڪاري پورٽل تي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ 10 سيپٽمبر تي ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.50 سيڪڙو رهي، ان کان اڳ سڀ کان گهٽ شرح 23 جولاءِ تي رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو مجموعي انگ 26662، جڏهن ته متاثرن جو مجموعي انگ 12 لک هڪ هزار 367 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 3121 ڄڻا صحتياب به ٿيا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 10 لک 82 هزار 988 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 91717 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.