ريئل مي سيريز 8 جا 2 نوان مڊرينج سمارٽ فونز متعارف

ريئل مي طرفان سيريز 8 جا 2 نوان مڊرينج سمارٽ فونز متعارف ڪرايا ويا آهن جن جا نالا ريئل مي 8 ايس 5 جي ۽ ريئل مي 8 آءِ آهن.

ريئل مي 8 ايس 5 جي:

Realme 8s 5G, Realme 8i Specifications Revealed In A New Leak

اهو دنيا جو پهريون فون آهي جنهن ۾ ميڊيا ٽڪ وجو ڊيمينسٽي 810 پراسيسر ڏنو ويو آهي جيڪو 2.4 گيگا هرٽز اسپيڊ سان گڏ اوڪٽا ڪور سي پي يو ۽ هڪ مالي جي 57 جي پي يو سان ليس آهي.

ريئل مي 8 ايس ۾ 6 ۽ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج جا آپشن موجود آهن جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سپورٽ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگھجي ٿي.

فون ۾ 6.5 انچ جي ايل سي ڊي ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ ۽ فل ايڇ ڊي پلس ريزولوشن سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون جي بيڪ تي ظاهري طور 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ نظر اچي ٿو پر ان ۾ 3 ڪيمرائون آهن، جڏهن ته چوٿون اي آءِ جو اسٽيڪر آهي.

فون جي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل بليڪ اينڊ وائيٽ (پورٽريٽ شاٽ) ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا موجود آهن.

اها فون ٻن رنگن ۾ 13 سيپٽمبر کان دستياب هوندي جنهن جي 6 جي بي ريم واري ماڊل جي قيمت 245 ڊالر (41 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 8 جي بي ريم وارو فون 270 (45 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ دستياب هوندو.

ريئل مي 8 آءِ

Realme launches Realme 8i, Realme 8s 5G in India. Price, features, other  details

ريئل مي 8 آءِ ۾ 6.6 انچ جي ايل سي ڊي ڊسپلي 120 هرٽز ريفريش ريٽ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون جي اندر ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 96 پراسيسر موجود آهي جنهن سان گڏ 4 کان 6 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي، جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگھجي ٿي.

ان فون ۾ به 5000 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي پر فاسٽ چارجنگ سپورٽ 18 واٽ جي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.