گھرن ۾ ڀنگ پوکڻ جي اجازت

عام طور تي گھرن ۾ وڻ ۽ ٻوٽا پوکيا ويندا آهن، وڻ يا ٻوٽا ماحول دوست  هجڻ سان گڏوگڏ هوا کي به صاف رکندا آهن جڏهن ته انهن جو مختلف قسمن سان استعمال انساني صحت لاءِ به وڏو فائديمند هجي ٿو.

پر اوهان کي اهو ڄاڻي حيراني ٿيندي ته هاڻ گھرن ۾ ڀنگ پوکڻ جي اجازت به ڏني وئي آهي.

اهڙو فيصلو يورپي ملڪ اٽلي ۾ ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب اٽلي ۾ نئين قانون تحت شهرين کي پنهنجن گھرن ۾ ڀنگ جا چار ٻوٽا پوکڻ جي اجازت هوندي.

ٻي پاسي ڀنگ سمگل ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارووائي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ڀنگ وڪرو ڪندڙن کي 6 کان 10 سالن تائين قيد جي سزا ٿي سگھي ٿي.

نئين قانون تحت اٽلي يورپ جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي جتي گھريلو استعمال لاءِ ڀنگ پوکڻ جي باظابطا اجازت ڏني وئي آهي.

رپورٽ موجب چيڪ ريپبلڪ ۽ اسپين به گھرن ۾ ڀنگ پوکڻ جا 5 ٻوٽا پوکڻ جي اجازت ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.