قمبر ، تلھار ، مانجھند ، مٺياڻي ۽ خانپور مھر جون خبرون

قمبر ۾ گندگي خلاف فرينڊز ويلفيئر سوسائٽي پاران احتجاج جاري

تلهار:منهاڪي شاخ ۾ وهنجندي ڊگهڙي واسي نوجوان ٻڏي فوت

مانجهند:لاکڙا ڪول فيلڊ ۾ جنريٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب مزدور فوت

مٺياڻي: مورو روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا سخت زخمي

پ پ عوام کي خوشحال بڻائڻ واري وعدي تي عمل پئي ڪري:سردار محمد بخش مهر

1

قمبر ۾ فرينڊز ويلفيئر اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران شهر جي روڊ رستن، اسڪول ۽ هر هڪ پاڙي ۾ گندگي جا ڍير ۽ ناڪارا  بڻيل سيوريج سسٽم خلاف احتجاجي 6 هين ڏينهن به قمبر پريس ڪلب آڏو هٿن ۾ زنجير ٻڌي پنهنجو احتجاج ۽ بک هڙتال جاري رکي ، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ فرينڊس ويلفيئر ائنڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي جي اڳواڻن سڪندر جهنڊيل،  خالد حسين مارفاڻي، تصور  حسين ڀٽو، ڪاشف حسين سومرو،  ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،  نسيم جهنڊيل،  راجا زاهد ۽ چيو ته ڪيترن ئي سالن کان شهرين سان ٿيندڙ ظلم جي انتها ٿي وئي آهي ،هنن چيو ته جيسيتائين شهر ۾ صفائي ۽ سيوريج سسٽم بهتر نه ٿيندو تيستائين سندن احتجاج جاري رهندو.

02

تلھار ڀرسان يونين ڪائونسل سعيدپور کان نڪرندڙ منهاڪي شاخ ۾ وهنجندي مھمان ٿي آيل ڊگهڙي واسي پريم ڪمار ٻڏي فوت ٿي ويو،ڳوٺاڻن شاخ مان پريم ڪمار جو لاش ڪڍي کڻائي تلھار رورل ھيلٿ سينٽر پهچايو جتي ڊيوٽي تي ڊاڪٽر رضا لغاري پاران پريم ڪمار جي موت جي تصديق ڪئي وئي، وارثن کي اھڙو اطلاع ڏنو ويو جنھن بعد وارث رورل ھيلٿ سينٽر پهتا جتان لاش کڻائي آبائي ڳوٺ روانه ٿي ويا.

03

لاکڙا ڪول فيلڊ جي ٽن ڪوئلا ڪمپني ۾ جنريٽر مان ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾  45 ورهين جو پورهيت محمد اشرف ڪشميري موقعي تي فوت ٿي ويو جنهن جي لاش کي مزدورن مقامي ڊسپينسري پهچايو جتي ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد ڪمپني انتظاميا لاش کي غسل ڪفن ڏئي ڪشمير ڏانهن سندس اباڻي علائقي ڏانهن منتقل ڪيو .

4

مٺياڻي مورو روڊ تي جاڙا واٽر اسٽاپ وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر لڳڻ جي  2 ڄڻا سخت ٿي پيا ، ٻنهين زخمين کي فوري طور تي اسپتال نيو ويو،  هڪ زخمي ايوب ملاح جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس نواب شاه منتقل ڪيو ويو، ٻئي زخمي ۾ زاهد سيال شامل هو .

5

پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مھر چيو آھي تہ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ انقلابي قدم کڻندي عوام کي خوشحال بڻائڻ واري واعدي تي عمل پيرا آھي، پنھنجي رھائشگاھ تي مختلف وفدن سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته وفاقي سرڪار نوجوانن کي نه روزگار ڏنو ۽ نه ئي غريب خاندانن کي گھر ٺھرائي ڏنا،  سندن  سڀ دعوائون رڳو دعوائون ئي رھجي ويون آهن، سردار محمد بخش خان مھر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽي پاران عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاء پڻ جوڳا قدم کنيا ويا آھن،  جڏھن ته پوري سنڌ ۾ ترقياتي ڪم پڻ جاري آھن ،ٻئي پاسي سردار محمد بخش خان مھر تعلقي خانپور مھر جي سڀني يونين ڪائونسلن ۽ ٽائون ڪميٽين ۾ شامل برادرين جي چڱن مڙسن سان ملاقات ڪندي  مختلف ترقياتي منصوبن بابت کين ڄاڻ ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.