گمبٽ ، کھڙا ، سکر ، ڪنڌڪوٽ ۽ ٽنڊوجان محمد جون خبرون

گمبٽ:اسٽيشن روڊ تان ڪريانا جي دڪاندار کان 2 موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر

کهڙا: شھيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائيبريري ۾ علمي ادبي ڪچهري

سکر:روھڙي  ڪنڌرا ناڪا جي رهواسي چنا برادري پاران پوليس زيادتين خلاف احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ:صحافي زين سرڪي کان ڪئميرا ڦر ڪرڻ ۽ بدسلوڪي خلاف احتجاج

ٽنڊو جان محمد :پوليس مغوي ناري کي بازياب ڪرائي عدالت پهچايو، 2 جوابدار سوگها

1

گمبٽ مان امن جو پکي اڏامي ويو،گمبٽ ۾ اسٽيشن روڊ  درگاه ريجھ علي شاه جي سامهون ڪرياني جي دڪاندار عمران عباسي کان ٻه موٽر سائيڪل سوار هٿياربند 2 موبائل فون ۽ 80000روڪ رقم ڦر ڪري فرار ڪري ويا ، هٿياربندن رستي ويندڙ ٻن ڄڻن کان موبائل فون  ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ،گمبٽ پوليس امن امان برقرار ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، جنهن ڪري شھرين ۾ تاء پکڙجي ويو ، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او گمبٽ عبدالجبار ميمڻ ٻڌايو ته شھر جي مختلف ھنڌن تي ناڪابندي ڪئي آهي جلد ڏوھارين کي گرفتار ڪيو ويندو.

02

کهڙا جي پبلڪ لائيبريري ۾ علمي. ادبي ڪچهري ڪوٺائي وئي جنهن ۾ شاعرن. اديبن شرڪت ڪري علم ۽ ادب تي خيالن جو اظھار ڪيو. ٽائون آفيس جي پبلڪ پارڪ ۾ قائم ڪيل شھيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائيبريري ۾ شاعر نديم مغل پاران ڪوٺايل علمي ادبي ڪچهري ۾ شاعر. ليکڪ عبدالرزاق اڄڻ. سنڌي ادبي سنگت جي ڪائونسلر حليم الله سومري. شاعر مبين اڄڻ ۽ ٻين شاعرن. اديبن شرڪت ڪري علم ۽ ادب تي پنهنجن خيالن جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته علم کان سواء انسان اڻپورو آھي. انسان وٽ علم. ادب. اخلاق هجڻ ضروري آھي انهن چيوته اهڙا علمي ادبي پروگرام ۽ ڪچهريون ٿيڻ گهرجن. انهن چيو ته نوجوانن کي گهرجي ته هو فضول گهمڻ. ھوٽلن تي ويهڻ بجاء لائيبريرين ۾ وڃي ڪتاب ۽ اخبارون پڙھن. ڪچهري ۾ ليکڪ عامر انصاري. عبدالحڪيم شر. عبدالڪريم شر. گداحسين اڄڻ. پرويز عباسي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

03

سکر: روھڙي  ڪنڌرا ناڪا جي رهواسي چنا برادري پاران پاڪ ڪتاب کڻي روھڙي ۽ عادل پور پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ مسمات عجائب ، مسمات فاطما ، شوڪت چنو ، غلام علي چنو ، خادم چنو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ھڪ ھفتو اڳ روھڙي ٿاڻي جو ايس ايڇ او ثناء الله کونھارو ۽ عادل پور ٿاڻي جو ايس ايڇ او رضوان ناريجو بااثر ڏوھاري ديدار ڪلھوڙو جي چرچ تي گھر تي چڙھائي ڪري عبدالڪريم چنو ۽ ذوالفقار علي چنو کي کنڀي کڻي ويا ، جڏھن ته عادل پور پوليس عبدالڪريم چني تي چوري جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪري ظاھر ڪيو آھي جڏھن ته ذوالفقار چنو کي گم ڪري ڇڏيو آھي، هنن چيو ته اسان کي خدشو آھي ته بااثر ڏوھاري ديدار ڪلھوڙو جي چوڻ تي پوليس ذوالفقار کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي هاف يا فل فرائي نه ڪري ڇڏي ، ھنن ڊي آئي جي سکر فدا حسين مستوئي ،  ايس ايس پي سکر  عرفان سمون کان گھر ڪئي ته شفاف جاچ ڪرائي ماڻھن کي آزاد ڪري کين انصاف فراھم ڪيو وڃي.

04

جيڪب آباد جي صحافي زين سرڪي کان سي آء اي انچارج علي حسن مهر پاران ڪئميرا ڦر ڪرڻ ۽ ساڻس  بد سلوڪي ڪرڻ واري واقعي خلاف ڪنڌ ڪوٽ پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي  صحافين صدر علي حسن ملڪ، بقا محمد بنگوار ۔دليپ  ڪمار ٺاڪر ۔راجا گوپي چند  ۽  ٻين چيو ته بد مست پوليس انچارج صحافي سان جيڪو رويو اختيار ڪيو اهو مزمت جوڳو آهي حڪومت صحافين جي تحفظ لاء بل ته پاس ڪيا آھن پر  ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي اسين آء جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته بد مست  انچارج خلاف ڪاروائي ڪري صحافين سان انصاف ڪيو وڃي۔۔۔۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.