وفاقي حڪومت ڪراچي واسين کي خوشخبري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي دوري تي آيل رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر شهرين کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.

اسد عمر ڪراچي جي دوري دوران وفاقي وزير علي زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هڪ سال اڳ وزيراعظم ڪراچي لاءِ تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، ڪراچي لاءِ گرين لائن منصوبو مڪمل ٿي چڪو آهي، ايندڙ هڪ مهيني ۾ رهيل ڪم مڪمل ٿي ويندا.

هن چيو ته گرين لائن پراجيڪٽ لاءِ 40 بسون ايندڙ هفتي تائين ڪراچي جي بندرگاهه پهچي وينديون، ان منصوبي لاءِ ڊرائيور ڀرتي ڪيا ويندا، جڏهن ته آڪٽوبر جي آخر تائين 40 بسن سان گرين لائن کولي ويندي.

سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جا ڪراچي ۾ 5 منصوبا جاري آهن، شهر ۾ 60 ڪلو ميٽرن جا روڊ ٺاهيا ويندا، محمود آباد ۾ حددخليون هٽائڻ جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي.

اسد عمر چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جو منصوبو منهنجي دل جي ويجهو آهي، جنهن لاءِ 29 ڪلو ميٽرن جو رستو زمين مٿان ٺاهيو ويندو، وزيراعظم 30 سيپٽمبر کان اڳ سرڪلر ريلوي جي انفرا اسٽرڪچر واري حصي جي پيڙهه جو پٿر رکندو، سرڪلر ٽرين هلائڻ لاءِ نجي ڪمپنين کي دعوت ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.