وفاق ۽ سنڌ وري آمهون سامهون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ جي بل ۾ ڪي ايم سي ٽيڪس ڪليڪشن تي وفاق ۽ سنڌ آمهون سامهون اچي ويا.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته وفاق ڪي اليڪٽرڪ بلن ۾ ڪي ايم سي ٽيڪس جي اجازت نه ڏيندو.

ٻئي پاسي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو موقف آهي ته بجلي بلن ۾ ڪراچي جي عوام کان ٽيڪس وصولي واڌو بار هوندو، اسان ان جي حق ۾ ناهيون، ڪي ايم سي جي ٽيڪس لاءِ ڪو ٻيو طريقي ڪار اختيار ڪيو وڃي.

هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ٽيڪس بجلي جي بلن ۾ وصول ڪرڻ لاءِ وفاقي اختيارين ۽ نيپرا سان ڳالهه ٻولهه ٿي وئي آهي، ڪي ايم سي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ چاهيون ٿا.

واضح رهي ته سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ بلن ذريعي ڪراچي ميٽروپوليٽين ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جو فائر ۽ ڪنزروينسي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

ٻه ڏينهن اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي جي اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي بل ذريعي ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جي ٽيڪس وصولي جي تجويز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي.

اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪي ايم سي مختلف قسم جا 13 ٽيڪس وصول ڪندي آهي، ڪي ايم سي هن وقت فائر ٽيڪس ۽ ڪنزوينسي ٽيڪس تحت ساليانو 21 ڪروڙ رپيا وصول ڪري ٿي.

تجويز ۾ ٻڌايو ويو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪي ايم سي جا اهي ٻه ٽيڪس 25 لک واهپيدارن کان وصول ڪندي، جيڪڏهن وصولي جو اهو معاهدو طئي ٿي وڃي ٿو ته ڪي ايم سي کي ساليانو 9 ارب رپيا ملندا.

تجويز موجب ائين ڪي ايم سي مالي طور مضبوط ٿي ويندي ۽ بهتر طريقي سان ترقياتي ڪم ڪري سگهندي، جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي ۾ وصولي جو معاهدو ٿي وڃي ٿو ته ڪي اليڪٽرڪ بل سان گڏ ڪي ايم سي جا ٽيڪس به سولائي سان ادا ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.