خوبصورتي لاءِ سڀ کان اهم وٽامن ڪهڙي آهي؟

 

صحت جا ماهر انسان جي صحتمند رهڻ لاءِ مختلف طور طريقا ڏسيندا رهندا آهن، مختلف بيمارين کان بچڻ لاءِ ڪيترائي سولا ۽ گهريلو نسخا به ٻڌائيندا رهندا آهن جن تي عمل ڪرڻ سان نه رڳو ماڻهو بيمارين مان جند آجي ڪرائي سگهندا آهن پر صحتمند به رهندا آهن.

ان حوالي سان صحت جي ماهرن چيو آهي ته وٽامن اي مدافعتي قوت وڌائڻ سان گڏوگڏ چمڙي ۽ وارن جي صحت کي بهتر بڻائڻ لاءِ به ضروري آهي.

هي هڪ اهڙو وٽامن آهي جنهن سان نه رڳو کائي سگهجي ٿو پر انکي خوبصورتي جي لاءِ وارن ۽ چمڙي تي به لڳائي سگهجي ٿو.

وٽامن اِي جو استعمال اسان جي چمڙي، نَنهن ۽ وارن جي لاءِ فائديمند آهي، انکي عذا جي جاءِ تي استعمال ڪرڻ ته فائديمند آهي پر انکي وارن ۽ چمڙي تي به لڳائي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

وٽامن اِي چهري تي لڳائڻ سان وڏي عمر جي اثرن کي ختم ڪرڻ کانسواءِ هائپر پگمينٽيشن کي به گهٽائيندي آهي.

ان جو استعمال روز ڪيو وڃي ته توهان جي ڊگهي عرصي تائين جوان نظر اچڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، وٽامن اِي جو تيل خشڪ چمڙي وارن جي لاءِموسچرائيزر وانگر ڪندو ڪندو آهي.

وٽامن اِي ڪلينر جي جاءِ تي به فائديمند ثابت ٿيندو آهي، وٽامن اِي جي تيل جا ڪجهه ڦُڙا چهري تي لڳائي هٿن سان آهستي مالش ڪرڻ سان چمڙي صاف ۽ نرم ٿي ويندي آهي، ان سان گڏ اهو چمڙي جي سوراخن ۾ موجود سموري گندگي کي ختم ڪري ڇڏي ٿو.

وٽامن اِي جو استعمال انکين جي چوڌاري ڪاري داغن لاءِ به تمام بهترين آهي، ان جي لاءِ رات جو سمهڻ کان اڳ اکين جي هيٺان وٽامن اِي جي تيل سان مالش ڪجي ته وڏو فائدو پهچندو.

ان کانسواءِ ڪمزور ۽ خشڪ نَنهن مان ڇوٽڪاري جي لاءِ به وٽامن اِي جي تيل جو استعمال ڪيو ويندو آهي.

رات جو سمهڻ کان اڳ چمڙي تي وٽامن اي جي تيل جي مالش ڪجي ته  وڏي فائديمند ثابت ٿيندي، انکي ايلو ويرا جيل سان ملائي چهري تي استعمال ڪرڻ کانپوءِ صاف ڪجي ته چهري ۾ وڏي خوبصورتي اچي ويندي، ائين ڪرڻ سان اميد ته توهان کي بهتر نتيجا ملندا.

گهر ۾ سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪرڻ سان جيڪڏهن توهان جا هٿ خشڪ ٿي وڃن ٿا ته وٽامن اِي جي تيل سان هٿن جي مالش ڪيو توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو.

ان سان گڏ وٽامن اِي جي ڪيپسول ۽ ان ۾ ٿوري مقدار ۾ ماکي ملائي منهن تي مالش ڪجي ته لڳاتار ڪجهه ڏينهن جي استعمال سان اهڙا نتيجا نڪرندا جو ماڻهو واهه واهه ڪرڻ جي بنا نه رهي سگهندا.

واضح رهي ته سويابين جو تيل، بادام، مڱيرا، ايواڪاڊو، اخروٽ ۽ سورج مکي ۽ ٻيا ميوا، انڊا، لاهوري گجر، پالڪ، ساڳ، گوگڙو، پپيتو، ڪدو ۽ ڦُلن وغيره جو به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.