ويوو ايڪس 70 سيريز جا 3 نوان فليگ شپ فون متعارف

ويوو ايڪس 70 سيريز جا 3 نوان فليگ شپ فون متعارف ڪرايا آهن.

ويوو ڪجهه مهينا اڳ ايڪس 60 سيريز کي پيش ڪيو هو ۽ هاڻ ان جي اپ ڊيٽ ماڊل ايڪس 70، 70 پرو ۽ ايڪس 70 پرو پلس کي متعارف ڪرايو آهي.

ٽنهي فونز ۾ زئيسز آپٽڪس ڪيمرائون ڏنيو ويون آهن.

۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٽنهي فونز ۾ 3 مختلف ڪمپنين جا پراسيسر ڏنا ويا آهن.

ايڪس 70 ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي1200، ايڪس 70 پرو ۾ سام سنگ جو ايڪسينوس 1080 جڏهن ته ايڪس 70 پرو پلس ۾ ڪوالڪوم جو سنيپ ڊراگون 888 پلس پراسيسر موجود آهي.

ايڪس 70

فوٹو بشکریہ ویوو

اها ان سيريز جي سڀ کان سستي فون آهي جنهن جو اظهار ڊزائين مان به ٿي وڃي ٿو.

فون ۾ 6.56 انچ جي اموليڊ فليٽ ڊسپلي 120 هرٽز ريفريش ريٽ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون ۾ 8 کان 12 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج جا آپشن موجود آهن.

فون ۾ 4400 ايم اي ايڇ بيٽري 44 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

ايڪس 70 ۾ پٺيان 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي مين ڪيمرا ڪاسٽيوم 40 ميگا پڪسل سوني آءِ ايم ايڪس 766 وي سينسر سان ليس آهي جنهن سان گڏ ايف 1.89 آپرچر ۽ 5 ايڪسز اسٽبلائزيشن موجود آهن.

ٻين 12 ميگا پڪسل ڪيمرا آهي جنهن کي الٽرا وائيڊ شاٽس لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو جڏهن ته ٽين 12 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو ڪيمرا آهي جيڪا 2 ايڪس آپٽيڪل زوم جي سهولت فراهم ڪري ٿي.

فون جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل ڪيمرا موجود آهي.

اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم کي اوريجن او ايس 1.0 سان ليس ڪيو ويو آهي.

اها فون 30 سيپٽمبر کان دستياب هوندي جنهن جي 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج واري ماڊل قيمت 3699 يو آن، 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج وارو ورجن 3999 يو آن جڏهن ته 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل  4299 يو آن ۾ دستياب هوندو.

ايڪس 70 پرو

فوٹو بشکریہ ویوو

ايڪس 70 پرو ڏسڻ ۾ ايڪس 70 کان گهڻو مختلف نه آهي پر ان ۾ فليٽ بدران خم ايجز واري ڊسپلي ڏني وئي آهي.

ان ۾ به 6.56 انچ ڊسپلي 120 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

ان سان گڏ به 8 کان 12 جي بي ريم ۽ 128کان 256 جي بي اسٽوريج جا آپشن واهپيدارن کي دستياب هوندا.

فون ۾ 4450 ايم اي ايڇ بيٽري 44 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم کي اوريجن 1.0 سان ليس ڪيو ويو آهي.

ان ۾ بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.

فون جي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل سوني آءِ ايم ايڪس 766 وي سينسر سان ليس آهي جنهن سان گڏ گيمبل اسٽبلائزيشن موجود آهي.

ان سان گڏ 12 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 12 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو (2 ايڪس آپٽيڪل زوم) ۽ 8 ميگا پڪسل پيري اسڪوپ (5 ايڪس آپٽيڪل زوم) ڪيمرا ان سيٽ اپ جو حصو آهن.

فون ۾ ڪاسٽيومن ويوو وي 1 آءِ ايس پي جو فيچر به موجود آهي جيڪو فوڪسنگ اسپيڊ ۽ اميج ڪوالٽي کي بهتر بڻائي ٿو.

فون جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل ڪيمرا پنچ هول ڊزائين  ۾ ڏني وئي آهي ۽ اهو 17 ڊسمبر کان چين ۾ دستياب هوندو.

ان جي 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج واري ماڊل جي قيمت 4299 يو آن، 8 جي بي ريم+256 جي بي اسٽوريج وارو ورجن 4599 يو آن، 12 جي بي ريم +256 جي بي اسٽوريج وارو فون 4799 يو آن جڏهن ته 12 جي بي ريم +512 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 5299 يو آن ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

ايڪس 70 پرو پلس

فوٹو بشکریہ ویوو

اهو ان سيريز ۽ هن وقت ويوو جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور فون آهي جنهن ۾ ڪوالڪوم جو فليگ شپ سنيپ ڊراگون 888 پلس پراسيسر موجود آهي.

ڊزائين جي لحاظ سان به اهو ٻين 2 فونز کان گهڻو مختلف آهي جنهن جي پٺيان ليدر فنش اسٽائل ڏنو ويو آهي.

اهو واٽر ۽ ڊسٽ ريزسٽنٽ فون آهي جنهن ۾ 6.78 انچ جي خم ايجز واري اموليڊ ڊسپلي 120 هرٽز ريفريش ريٽ سپورٽ ڏني وئي آهي.

اهوايل ٽي پي ۽ اسڪرين آهي ته ضرورت پوڻ تي ان جو ريفريش ريٽ 1 هرٽز تائين گھٽجي سگھي ٿو ۽ 120 هرٽز ريفريش ريٽ تائين وڌي به سگھي ٿو.

فوٹو بشکریہ ویوو

فون جي اندر 8 کان 12 جي بي ريم ۽ 256 کان 512 جي بي اسٽوريج جا آپشن موجود آهن جڏهن ته ويوو جي وي 1 آءِ ايس پي چپ به ان جو حصو آهي.

ايڪس 70پرو پلس ۾ 4500 ايم اي ايڇ بيٽري 55 واٽ فاسٽ وائرڊ چارجنگ ۽ 50واٽ وائرليس چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون جي پٺيان 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل سام سنگ جي اين 1 سينسر سان ليس آهي.

ان سان گڏ 48 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا، 123 ميگا پڪسل پورٽريٽ ڪيمرا ۽ 8 ميگا پڪسل ڪيمرا (5 ايڪس آپٽيڪل زوم) ان سيٽ اپ ۾ موجود آهن.

فون جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي ۽ اها فون 17 سيپٽمبر کان دستياب هوندي.

ايڪس 70 پرو پلس ۾ 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 5499 يو آن، 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج وارو ورجن 5999 يو آن ۽ 12 جي بي ريم ۽ 512 جي بي اسٽوريج وارو فون 6999 يو آن ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.