ڪيوي ٽيم ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ لاءِ 18 ورهين کانپوءِ پاڪستان پهچي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 18 ورهين جي وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان پهچي وئي، جتي اها گرين شرٽس خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏندي.

ڪيوي ٽيم خاص جهاز ذريعي ڍاڪا کان اسلام آباد ايئرپورٽ پهتي، جتان مهمانن کي سخت سيڪيورٽي ۾ نجي هوٽل روانو ڪيو ويو.

طئي ٿيل پروگرام موجب مهمان ٽيم هڪ ڏينهن آئسوليشن ۾ گذاريندي، ان دوران ڪيوي رانديگرن ۽ آفيشلز جي ڪورونا ٽيسٽ ٿيندي ۽ رپورٽون ناڪاري اچڻ تي کين پريڪٽس جي اجازت ملندي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 17 سيپٽمبر، ٻي ميچ 19، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 21 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي ۽ سڀ ميچون پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.

ون ڊي سيريز کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 25 سيپٽمبر، ٻي ميچ 26، ٽين ميچ 29 سيپٽمبر، چوٿين ميچ پهرين آڪٽوبر، جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 3 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.