سام سنگ خاموشي سان نئون فون متعارف ڪرائي ڇڏيو

سام سنگ هڪ مڊرينج سمارٽ فون گيليڪسي وائيڊ 5 خاموشي سان متعارف ڪرائي ڇڏيو.

ان فون کي ڏکڻ ڪوريا ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

اها فون گيليڪسي اي 22 فائيو جي جهڙي نظر اچي ٿي پر اها مڪمل ان جهڙي نه آهي.

ان فون ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 700 پراسيسر موجود آهي جيڪو اي 22 جو به حصو هو جڏهن ته ان ۾ 2 ڪورٽيڪس اي 76 ڪورز، هڪ مالي جي 57 ايم سي 2 جي پي يو ۽ 2.77 جي بي پي ايس 5 جي موڊيم، واءِ فاءِ ۽ بلوٽوٿ 5.1 سپورٽ موجود آهي.

فون ۾ 6.6 انچ جي ايل سي ڊي ڊسپلي ڏني وئي آهي جنهن جي وي شيپ نوچ ۾ سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 5 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سينسر ڪيمرا موجود آهن.

گيليڪسي وائيڊ 5 ۾ 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان هڪ ٽي بي تائين واڌ ڪري سگھجي ٿي.

5000 ايم اي ايڇ بيٽري 15 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

ان فون جي قيمت 385 ڊالر (64 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.