عمران خان عمر شريف جو داد ڪري ورتو، علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ قائم

وفاقي حڪومت عمر شريف جي علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ورتي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ناليواري اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي علاج جي حوالي سان ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي جيڪو اداڪار کي ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جي حوالي سان فيصلو ڪندو.

ڪراچي ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري خانگي اسپتال ۾ عمر شريف جي عيادت ڪئي.

انکانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر جو چوڻ هو ته عمر شريف سان ملاقات ڪئي آهي، اڄ ان جي ڊائلاسز به ٿي آهي، عمر شريف عمران خان کان اپيل ڪئي هئي، وزيراعظم صحت واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته عمر شريف جي ڪيس جي جاچ ڪري ڏٺو وڃي ته عمر شريف جي ڪيئن مدد ڪري سگهجي ٿي.

عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر فيصل ۽ ڊاڪٽر ياور تي ٻڌل بورڊ جوڙيو ويو آهي داڪٽرن جي بورڊ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪيل فيصلي تي عمل ڪيو ويندو، ايئر ايمبولينس گهرجي يا بزنس ڪلاس هجي جيڪو به بورڊ جو فيصلو هوندو ان تي عمل ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڄ وزيراعظم جي هدايت تي عمر شريف جي هدايت لاءِ پهتا آهيون، صحت واري وزارت صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪندي ۽ حڪومت مڪمل طور مدد ڪندي.

فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن جو بورڊ فيصلو ڪندو، پاڪستان ۾ به دل جو علاج ممڪن آهي پر فيصلو ڊاڪٽر ڪندا، علاج جو فيصلو ڊاڪٽرن کي ڪرڻ ڏنو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.