واٽس ايپ ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ چيٽ بيڪ اپ جو فيچر متعارف

هونئن ته واٽس ايپ جي ٻه ارب کان وڌيڪ واهپيدارن لاءِ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو فيچر موجود آهي ۽ انهن جي پيغامن کي ڪو به نٿو پڙهي سگھي.

پر واٽس ايپ تي واهپيدارن جي اها ڊيٽا جيڪا بيڪ اپ طور آن لائين ڪلائونڊ سروس تي اپ لوڊ ٿيندي آهي، اها انڪرپٽڊ ناهي هوندي.

هاڻ آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ ايپس لاءِ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ چيٽ بيڪ اپ جو فيچر واهپيدارن لاءِ متعار ف ڪرايو ويو آهي.

اهو فيچر آپشنل هوندو ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندو.

واٽس ايپ ۾ ڪلائوڊ (اينڊرائيڊ تي گوگل ڊرائيو ۽ آءِ او ايس تي آءِ ڪلائوڊ) تي آن لائين بيڪ اپ ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته فون خراب يا چوري ٿي وڃي ته واهپيدار پنهنجي ڊيٽا فوري طور تي حاصل ڪري سگندا، پر ان جو مطلب اهو به نه آهي ته اهي پيغام، فوٽوز، وڊيوز ۽ ٻي ڪلائوڊ ٽيڪنالوجي ۾ سواءِ ڪنهن تحفظ جي اسٽور ٿيندا آهن.

اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ ڊيٽا بيڪ اپ جي فيچر جي آزمائش ڪيترن ئي مهينن کان جاري هئي ۽ هاڻ وڃي ان کي متعارف ڪرايو ويو آهي.

واٽس ايپ طرفان جاري ڪيل بيان موجب واٽس ايپ ميسيجز گو ڪلائوڊ سروسز ۾ بيڪ اپ ڊيٽا طور تي محفوظ ڪئي ويندي آهي، ڪمپني کي ان بيڪ اپ تائين پهچ ناهي هوندي.

بيان ۾ ٻڌايو ويو ته بيڪ اپ ڊيٽا ڪلائوڊ اسٽوريج سروسز ۾ محفوظ ٿيندي آهي پر هاڻ جيڪڏهن ڪو واهپيدار اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ بيڪ اپ جي چونڊ ڪندو ته واٽس يا بيڪ اپ سروس پرووائيڊر به ان تائين پهچ حاصل نه ڪري سگھندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.