سنڌ ۾ خودڪشين جو وڌندڙ لاڙو

اداريو

سنڌ جي مخلتف علائقن سميت سڄي ملڪ ۾ خودڪشين جي رجحان ۾ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو اضافو ٿي ويو آهي، سموري ملڪ ۾ عام طرح سان ۽ سموري سنڌ ۾ خاص طرح سان خوڪشين جا انتهائي وڌندڙ واقعا ميڊيا جي مختلف سيڪشنز ۾ رپورٽ ٿي رهيا آهن، اطلاع آهن ته گذريل 7- مهينن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بک، بدحالي، غربت ۽ بيروگاريءَ سبب 442- ماڻهن خودڪشيون ڪيون آهن.

سنڌ ۾ خودڪشين متعلق هڪ تحقيق۾ چيو ويو آهي ته خودڪشين جا سڀ کان وڌيڪ واقعا ٿر ۽ ميرپورخاص ريجن ۾ ٿيا آهن، تحقيق موجب سنڌ اندر جنوري کان جولاءِ 2021ع 7 مهينن تائين مجموعي طور تي 442 خودڪشين جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، اهي انگ اکر انتهائي ڇرڪائيندڙ آهن، رپورٽ مطابق سنڌ ۾ 7 مهينن اندر زهر کائڻ سبب 97، ڪارو پٿر پيئڻ سبب 54، گهريلو مسئلن سبب 71، غربت سبب 36، خانداني تشدد سبب 23 ۽ ٻين مختلف طريقن سان مجموعي طور تي 442 عورتن، مردن، نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي آپگهات ڪرڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. خودڪشين جو سڀ کان وڏو ڪارڻ غربت، بک، بدحالي، بي روزگاري آهي، رپورٽ موجب خودڪشين جا سڀ کان وڌيڪ واقعا زهر کائڻ سبب پيش اچن ٿا، خودڪشيون ڪندڙ ۾ اڪثريت 15 کان 19 سالن جي ڄمار وارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي آهي.

ٻئي طرف ملڪي سطح تي پڻ خودڪشين جي انگ ۾ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو انگ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ گذريل ٻن سالن دوران خودڪشين جي شرح 3 سيڪڙو مان وڌي 8 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪا ڳالهه ڪنهن به طور تي نظر انداز ڪرڻ جهڙي نه آهي. خودڪشي ڪندڙن ۾ وڏو انگ نوجوانن جو آهي، جڏهن ته ماهرن ۽ تحقيقي ادارن جو چوڻ آهي ته ملڪي سطح توڙي صوبن خاص ڪري سنڌ ۾ خودڪشين جو سڀ کان وڏو ۽ بنيادي سبب معاشي تنگي، غربت، اڻ هوند ۽ بيروزگاري آهي، جنهن جي ڪري پهريون ته نوجوان ڊپريشن جي دور ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ خودڪشيءَ ڏانهن مائل ٿي وڃي ٿو.

خودڪشين جي روڪ واري عالمي ڏينهن جي حوالي سان سنڌ توڙي ملڪي سطح تي ڪافي پروگرام ٿيا جن ۾ اها سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سماج کي گهرجي ته مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٿوري جدوجهد ڪري ۽ مسئلن کي حل ڪري، خودڪشي، مسئلن جو حل نه آهي، سنڌ ۾ به اهڙي ئي قسم جون ڪيتريون تقريبون پڻ ٿيون جن به سماجي طور تي ڪم ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻ خطاب ڪيو، انهن به مجموعي طور تي خودڪشين لاءِ معاشي بحران ۽ اقتصادي بدحاليءَ کي ذميوار قرار ڏنو، اهڙي صورتحال ۾ رڳو هڪڙو ئي سوال پيدا ٿو ٿئي ته جيڪڏهن سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ خودڪشين جو بنيادي سبب معاشي بدحالي آهي ته پوءِ، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتي سطح تي ملڪ جي مجموعي معاشي حالتن کي بهتر بڻايو وڃي، جنهن ڪري ملڪ مان غربت جو خاتمو اچي سگهندو ۽ عين ممڪن آهي ته خودڪشين جي رحجان ۾ پڻ گهٽائي ٿئي.

پر ان ڏس ۾ جيڪو فوري سوال آهي، سو اهو آهي ته سماج کي خودڪشين جي لاڙي کان ڪهڙي نموني محفوظ رکجي، ان ڏس ۾ اسان جو خيال آهي ته وفاقي حڪومت سميت، هر صوبي جي حڪومت کي بنيادي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان هڪ ترقي ڪندڙ ملڪ آهي جنهن جا پنهنجا اڪيچار مسئلا آهن، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ وسيلا انتهائي گهٽ آهن، تنهنڪري ملڪي سطح تي ان ڳالهه جي اشد ضرورت آهي ته ملڪ اندر غير قانوني طور تي گهر ڪري ويٺل سڀني ڌارين کي انهن جي لاڳاپيل ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن ملڪ جي وسلين تي موجود بار گهٽ ٿئي ۽ نتيجي ۾ ڌارين جي هٿان جيڪا ملڪ جي وسيلن جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي، اها ٿيڻ کي بچي ويندي ۽ بچندڙ وسيلا ملڪ جي غريب ۽ مسڪين عوام تائين پهچندا.

اهڙي ئي نموني سنڌ حڪومت کي پڻ اها ئي گذارش آهي ته سنڌ جي وسيلن، نوڪرين، پاڻين ۽ شهرن جي ملڪيتن کي ڌارين جي قبضي مان بچائي انهن کي سنڌ جي اصل رهاڪن ۽ وارثن تائين پهچائڻ جو بندوست ڪيو وڃي، سنڌ ۾ خودڪشين جي حوالي سان جيڪا رپورٽ منظر عام تي آئي ان موجب سموري سنڌ ۾ ستن مهينن اندر تقريبا 500 جي لڳ ڀڳ خودڪشين جا واقعا ٿيا آهن ۽ خودڪشون ڪندڙن جي اڪثريت جو تعلقن ٿر سان آهي، ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ٿر جي اربين روپين جي ڪوئلي جي منصوبن ۾ جيڪي ملازم آهن انهن ۾ ان علائقن جي ماڻهن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر به نه آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ خودڪشين جي انگ کي روڪي نه سگهبو پر اهي وڌنديون وينديون.

غربت ۽ موت جو پاڻ ۾ چولي ۽ دامن جو تعلق آهي، تنهنڪري اهو ضروري آهي ته اوهان سماج ۾ زندگي، حسن ۽ خوشي ڏسڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اوهان ته اهو لازم آهي ته معاشري مان غربت ختم ڪريو، ان موقعي تي اسان اها ڳالهه ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته گذريل ٽيهن سالن کان سنڌ تي هڪ ئي پارٽيءَ جي اڪيلي سر حڪومت آهي، پر ان عرصي ۾ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪي به اقتصادي ۽ معاشي منصوبا شروع نه ٿيا آهن جن جي ڪري اڄ سنڌ غربت جي ور چڙهيل آهي ۽ سماج ۾ خودڪشين جو رجحان وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ملڪي سطح تي پاڪستان جي تاريخ ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ اهڙي حڪومت آهي جنهن پنهنجي پاليسن ۽ واعدن جي خلاف ملڪ ۾ معاشي ۽ اقتصادي بحران کي جهڙوڪر هٿ وٺي وڌايو آهي، مهانگائي جو طوفان اڀاريو آهي، غربت جو هڪ اهڙو سمنڊ پيدا ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ عام ماڻهو روزاني جي بنياد تي ٻڌي مري ٿو، اسان اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته جيڪا پارٽي ملڪ ۾ موثر نموني معاشي سڌارا ڪرڻ جي لائق نه آهي، ان پارٽيءَ کي ڪنهن به نموني نه سياست ڪرڻ جو حق آهي ۽ نه ئي حڪومت ۾ ڪرڻ جو اختيار آهي. ملڪ م وڌاندڙ خودڪيشن جو رجحان ان ڳالهه جو دليل آهي ته سنڌ سميت سموري ملڪ جي سماج معاشي طور تي انتهائي نموني زوال پذير آهي جنهن جي نتيجا ڪنهن به طور تي بهتر نه نڪرندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.