عالمي تناظر ۽ خطي جي سياست 

تحرير: رياض ابڙو 

چين جتي 36 ملڪن سان زميني رستا بحال ڪري ٿو اتي ان ملڪن کي واپار ڪرڻ ۾ آسانيون به پيدا ڪري ٿو ڏئي، ڇو ته ٽي ڏهاڪا اڳ ۽ هاڻوڪي سياسي، سماجي ۽ صنعتي بهيڪن ۾ فرق آ، هاڻوڪي صورتحال ۾ معاشي لاڳاپا وڏي اهميت رکن ٿا، يا جنگي توپن تلوارن، بمن گولن، هاٿين گهوڙن ۽ جٿن جي ضرورت ناهي رهي، يا جيڪي ملڪ پاڻ ۾ معاشي لاڳاپا بحال رکن ٿا اهي هڪٻئي جي لاءِ واپار، امپورٽس ۽ ايڪسپورٽس به روان دوان رکن ٿا، ان ڪري وچ ايشيائي ملڪن ۾ جيترو چين جو واپار هلي ٿو، جيترو چين سلڪ روڊ رستي انهن يورپ ۽ وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍيل آ، اوترو آمريڪا ناهي، ۽ معاشي، صنعتي ۽ واپار جي صورتحال جيڪڏهن اها ئي رهي ته پوءِ آمريڪا جي لاءِ انتهائي مشڪل ٿي پوندو ته اهو هن خطي ۾ پنهنجا مفاد برقرار رکي سگهي.

هاڻوڪي پيش منظر ۾ يو ايس ايڊ يا يورپين يونين جي توسط سان يونائيٽيڊ نيشنز انٽرنيشنل چلڊرن ايمرجنسي فنڊ تحت يونيسيف جو بي اي ايس (بلوچستان ايجوڪيشن فنڊ) جي پروگرام لاءِ فنڊنگ ڪئي آ جيڪو منصوبو پنجن سالن ۾ پورو ٿيندو، يونيسيف بلوچستان ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ 17.4 ملين يورو معني 3.27 بلين روپيا ڏيندو ته جيئن اهڙن پسمانده علائقن ۾ ٻارن جي تعليم جو پورائو ڪري سگهجي، معني آمريڪي اهڙي سيڙپ هڪ جاءِ تي وري گوادر جي لاءِ چين جي منصوبن جي ڳالھه نرالي آ، جنهن ۾ چائينا 50 بلين ڊالر جي شروعاتي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو هو جنهن تحت گوادر پورٽ تي ترقياتي ڪمن جي شروعات ٿي، ڇو ته سي پيڪ جي شروعات سان بيجنگ سرڪار کي اها پڪي اميد (هئي) ۽ آهي ته سلڪ روڊ رستي جتي اهي 36 ملڪن کي ڳنڍي سگهجي ٿو اتي سي پيڪ وچ ايشيائي ملڪن سان گڏ يورپ جي ملڪن کي به روڊ رستي ڳنڍيندو، جتي واپار، امپورٽ، ايڪسپورٽ ۽ روزگار جا نوان وسيلا اڀري ايندا، خطي ۾ خوشحالي ايندي، جنهن سان ڀارت ۽ خاص آمريڪا جي معاشي زور کي ڪمزور ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان چين جي واپار کي هٿي ملندي، چائينا جي ارادن ۾ اهو به آهي ان روڊ رستي، ريل به بحال ڪئي ويندي جيڪا چين کي وچ ايشيائي ملڪن سان گڏ يورپ جي ملڪن سان به ڳنڍيندي، ڇو ته عربي سمنڊ مان ٽپي هندي سمنڊ مان گذري بنگال جوسمنڊ پار ڪري ڦري چائينا وڃڻ نسبتن ڏکيو ڪم آ جنهن ۾ پئيسو، ٽائيم ۽ رسڪ فيڪٽر شامل آهي، ان جي ڪري سي پيڪ ته شاٽ ڪٽ رستو ثابت ٿيندو جنهن سان گھڻي ۾ گھڻو فائدو چائينا کي ٿيندو، جو انهن جي امپورٽس ۽ ايڪسپورٽس وڌندي (اسان ته راھ گيري مهيا ڪندڙ هونداسين) جنهن جي ڪري چائينا جا اهڙا مفاد اسان جي حق ۾ کڻي نه به هجن پر چائينا جي سپرپاوري جا ٽاڪا ضرور مضبوط ڪندا، جيڪا ڳالھه آمريڪا جي لاءِ وڏي خطري ۽ رنجش جي به آهي ته اهي ڪيئن به ڪري اهڙي ترقي، واپار ۽ اسٽريٽجڪ معاملن ۾ مداخلت ڪري انهن کي روڪن يا ان ڪم ۾ جيتري به دير ڪري سگهن ڪن.

گوادر پورٽ 626 ڪلوميٽر جي پکيڙ تي شهر يا علائقو چين جي ليز تي ورتل پورٽ ۽ ملڪيت آ، جنهن ۾ هاڻي آمريڪا جي مداخلت يا تاخير ڪرائڻ واري اسٽريٽجي ڪم جي ناهي، (اها ٻي ڳالھه آ ان ۾ بلوچن جو ڪو ڀلو ناهي، ڇو ته اتي اهي نه سيڙپڪار آهن، نه ادارن جي مالڪ آهن، نه اهي ادارن کي هلائيندا، اهي ته اسان وانگي بحريا ٽائون جي زمين ڏئي، نانگ ٽپائي، هاڻي ويٺا نوڙي ڪٽيندا، رياست ته ملڪ جي اهڙن ٽڪرن کي کپائي کڻي غير ملڪي (ڀارتي) مداخلت کي ٻنجو ڏيندي هجي پر ڳالھه ته بلوچن جي نراسائي جي به آهي) بحرحال چين جي سيڙپڪاري تمام گهڻي آ، جو گوادر پورٽ جي ٺهي پوڻ سان سي پيڪ جي روڊ رستن جي جڙي پوڻ سان، اتان ريل جا ٽريڪ به هلندا، اتان تيل، گئس ۽ پيٽرول جو لائينون به وڇائيندا ته جيئن اتان کان چين کي وچ ايشيائي ملڪن مان تيل جي رسد ۾ آساني ٿي سگهي، ۽ اتان جي ڪمايل دولتن مان چائينا 91 سيڪڙو روينيو پاڻ کڻي ويندي، ڇو ته گوادر پورٽ تي واپار، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ته چائينا هلائيندو، اتي بلوچن ۽ رياست جو ڇا، انهن کي ته بس اهي پئيسا ڦٻيا جيڪي انهن ليز ڪرڻ ۾ ورتا يا اتان ڪجھه سيڪڙو ٽيڪس جي مد ۾ اوڳاڙي سگهن، ته اها ٻي ڳالھه آ ۽ ٻي ڳالھه ته اتان جي مقامي بلوچن کي ته ڍڪ پاڻي جو به نه ملندو، اتان جي وزيرن ۽ اميرن جو گوادر جي پورٽ ۾ اچڻ به مشروط هوندو پر ڳالھه ته خطي ۾ سيڙپڪارين جي آ، اسان ته تاڙين وڄائڻ ۾ پورا آهيون، يا بلوچن ته گوادر ۾ کڻي شروعاتي حملا به ڪيا ته انهن جي ڌرتي خالي ڪري ڀڄي نڪري وڃن پر چائينا جي سيڙپ ۽ نظر ڊگھي هئي، اهي پنج چيني انجنيئر مارائي به ڏھ ٻيا کڻي ٿي آيا، اهي آمريڪي صحافي ڊينيل پرل وانگي نه هيا جنهن کي پاڪستان ۾ اغوا ڪري فيبروري 2002 ۾ منڍي لاهي ڦٽي ته ڪري ويا پر آمريڪا پاڪستان ۾ رڻ ٻاري ڏنو، ان جي ڀيٽ ۾ چين ڪڏهن به سرڪاري سطح تي اهڙي ريٽيليئيشن ۾ ناهي پيو، پر پنهنجا عزم پختا کڻي وڌي پيو.

وري آمريڪي انويسٽمينٽ جي ڳالھه نه ڪجي ته زيادتي ٿيندي، ڇو ته يو ايس ايڊ کان وٺي، توانائي، تعليم، خواندگي، اسٽريٽجڪ معاملن ۾ جيتري امداد ۽ جيتري سيڙپڪاري آمريڪا ڪري پيو ان جو مثال ملڻ مشڪل آ، هاڻوڪي بيانن جي نظر ۾ آمريڪا سان ته هنن اهي به معاهدا ڪيا آهن ته هاڻي پاڪستان ۾ اهي رڳو واپار جي مٽاسٽا (ڪانسيپشن بيسڊ امپورٽس) نه ڪندا پر اهي پاڪستان جي اندر سيڙپڪاريون به ڪندا، اهي پاڪستان ۾ صنعتون هڻندا ته جيئن هتان جو عوام به ان مان مستفيد ٿئي، ڇو ته پاڪستان 2019 کان اڳ 4 ارب کان مٿي جي ايڪسپورٽ ڪري يا وڌائي چڪو آ، معني ايئن ناهي ته پاڪستان ۾ رڳو چين جي سيڙپڪاري آ، پر هتي ته ايڪسپورٽ ۽ صنعتي ميدان ۾ دنيا جي سڀني ملڪن جو حصو ڳندڍيل آ، جيئن هاڻي ڊينمارڪ پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ 2030 تائين 60 سيڪڙو اهڙن ذريعن سان بجلي ٺاهڻ ۾ مدد ۽ سيڙپ ڪندو جنهن وسيلي اهو گهريلو ڪچري، سج، هوا، مال جي ڇيڻن ۽ سمنڊ جي لهرن مان بجلي جا پروجڪٽ تيار ڪري ڏيندو ۽ هلندڙ پروجڪيٽس ۾ يقيني اضافو پڻ ڪرائيندو، حقيقت ۾ اهو به آهي ته اسان وٽ ڪنزپشن ليول تمام گھڻي ٿي وئي آ، معني اسان وٽ يوزر گھڻو ٿي ويو آ، ڇو ته 22 ڪروڙ جي آبادي ڪا مذاق ناهي ۽ يورپ جي ننڍن ننڍن ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ آبادي جو تناسب به گھڻو ٿي ويو آ (افغاني لوڌ الڳ) ۽ ماڻهن جي شين جي استعمال جي شرح به گھڻي آ، ان ڪري هر سيڙپڪار ۽ صنعتڪار ملڪ چاهي ٿو ته هو اسان وٽ اهڙا سيٽ اپ هڻي جنهن ۾ هو پاڻ به ڪمائي کائي ۽ هتان جي ماڻهن جو به گذر سفر ٿئي (۽ رياست جو پيٽ به ڀرجي) پر شدت پسندي اصل ۾ وڏي رنڊڪ آ، ان ڪري ٽرمپ کان اڳ به ۽ هاڻي به بائيڊن جي ڪوشش اها ئي آ ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏجي جيڪا وڏي اهميت جي حامل پڻ آهي، ڇو ته آمريڪا پاڪستان ۾ ٽاپ پنجن سيڙپڪارن مان هڪ آهي، ۽ هتي آمريڪي سيڙپڪارن جي 1.5 بلين تائين ڊاريڪٽ سيڙپڪاري به ٿيل آهي، مثال هتي 60 اهڙيون آمريڪي ڪمپنيون به آهن جيڪي ڏھ لک پاڪستانين کي نوڪريون مهيا ڪن ٿيون، معني ايتري تعداد ۾ ماڻهو انهن آمريڪين جي ڪمپنين ۾ ملازم آهن جنهن مان رياست کي هڪ بلين ڊالر رڳو ٽيڪس جي مد ۾ ملي ٿو، معني زراعت، لائيو اسٽاڪ، مڇين جي فارمنگ، ڪپھ جي ايڪسپورٽ ۾ ۽ ڦل فروٽن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ساراھ جوڳي آهي جو ان سان پاڪستان کي هر سال 200 ملين ڊالرز جي ڪمائي به ٿئي ٿي، وري هائيڊل پاور پروجيڪٽس ۾ جنهن ۾ منگلا ۽ تربيلا ڊيمن جي توسيع ۾ آمريڪي امداد ۽ ٻين هلڪن ڦلڪن ڊيمن جي واڌ ۾ پڻ امداد ڏيندو رهي ٿو، جنهن سان 3500 ميگاواٽ بجل جي واڌ ٿي آهي، ان کان علاوه ونڊ پاور پروجيڪٽس ۽ سولر پاور پروجيڪٽس جي 42 منصوبن جي لاءِ آمريڪي امداد به ڪا معمولي ڳالھه ناهي، ۽ اهو قرض ناهي اها مدد آ ته پاڪستان ڀلي بجلي جي منصوبن ۾ واڌ ڪري، ۽ وري 750 ملين ڊالرز جي امداد جنهن ۾ نوان بجلي منصوبا اڏڻ به سٺو سنئوڻ آ، وري يو ايس ايڊ تي آءِ بي اي، نسٽ ۽ لمس وغيره جهڙيون يونيورسٽيون 18 هزار اسڪالرشپ پروگرام به هلائين ٿيون ۽ هر سال تقريبن 800 پاڪستاني شاگرد اسڪالرشپ تي آمريڪا پاڻ وٽ گهرائي ٿو.

پوءِ اهڙي ٻٽي صورتحال ۾ پاڪستان ڪاڏي وڃي؟ ڇو ته امدادن جي چڪر ۾ اسان جا رياستي ايمان ٿيڙ کائي ٿا وڃن، يا ڪٿي ڪجھه ته ڪٿي ڪجھه ڦاسايون ۽ گروي رکيون ويٺا آهيون، وري خطي جي اسٽريٽجڪ صورتحال به اهڙي آ جنهن ۾ هاڻي ڊپلوميسي ڪم جي ناهي، اڃان خطي مان نيٽو فورسز جي نيڪالي مس ٿي آ ته صورتحال ڳنڀير ٿي وئي آ، پر تاريخ ورجائجي پئي، ۽ اها ڳالھه مڃڻ جهڙي آ ته هن دفعي سوويت يونين واري صورتحال نه پئي جڙي ڇو ته چين جون حالتون ان تناظر ۾ ٻيون آهن ۽ اسان جي خطي ۾ جيترو مفاد چين جو آ اوترو آمريڪا جو ناهي، يا آمريڪا ايغور ۽ زيانگ يانگ صوبي جي مذهبي صورتحال تي کڻي ڳالھه وڌائي به، پر اتي چين جي ڊس انٽيگريشن ممڪن ناهي پر چين جي منصوبن کي تاخير ٿي سگهي ٿي، ۽ ان ڪري ڳالھه اسان جي لاءِ ڳوري ضرور آ ته هاڻي چين جي منصوبن جا پاسدار ٿيون يا آمريڪا جي مفادن جي جنگ وڙهڻون ڇو ته اسان وري به ٻه واٽي تي آهيون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.