سنڌ واسيو! حق وٺڻا اٿوَ ته اسان سان گڏجو

تحرير: نذير سومرو

سنڌ واسيو! حق وٺڻا اٿوَ ته اسان سان گڏجو. اهو بيان هو سنڌ جي هڪ وزير صاحب جو جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ اخبارن جي زينت بڻيو. وفاق يا ڪنهن کان به حق وٺڻ سنڌين جو حق آهي اهي حق وٺڻ به گهرجن ۽ سنڌين سدائين ان ڏس ۾ اوهان جو ئي ساٿ ڏنو آهي/اوهان مٿان ئي ڀروسو ڪيو آهي پر سوال اهو آهي ته اوهان پاڻ ڪيترو سنڌين سان گڏ آهيو. عملي طور اوهان سنڌين جي حقن لاءِ  ڇا ڪيو آهي. ڇا سنڌ جي ماڻهن جي موجوده زندگي جيڪا زهر کان به ڪڙي آهي ان جا ڪنهن طرح ذميوار اوهين ناهيو!

سنڌ جي ماڻهن سدائين اوهان کي ووٽ ڏنا، محترمه بينظير صاحبه جي ٽي دفعا وزيراعظم ٿي رڪارڊ قائم ڪرڻ جي دعوى پٺيان به سنڌ جي ماڻهن پاران ووٽ ڏيڻ جي پڪ ئي هئي. ضيا جي ذري ذري ٿي وڃڻ کان پوءِ  جڏهن هڪ ڊيل تحت اوهان کي حڪومت ملي جنهن لاءِ  اوهان جي پارٽيءَ جو ئي چوڻ هو ته اسان کي حڪومت ”هٿ پير ٻڌي“ ڏني ويئي آهي. اوهان مان گهڻا ئي ضيائي مارشلا جا مزا وٺي موقعو ڏسي هن پارٽيءَ ۾ گهڙي آيا. ان اليڪشن ۾ ماڻهن جذباتي ٿي اوهان کي ووٽ ڏنا. سنڌ جي هر گهر ۾ بحث  ٿيا ڀائرن ۾ جهيڙا ٿيا سنڌين پنهنجي مرشدن/برادريءَ جي چڱن مڙسن/ سالن صدين جي رشتن ناتن کي ٿڏي پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏنا. سنڌين اهو سوچيو ته هن ريت صدين جي قائم وڏيرا شاهي هڪ ڌڪي ڏيڻ سان ڪري پوندي پر ان وقت اهڙو سوچيندڙ سڀ مايوس ٿيا جڏهن ميرٽ کي گهٽا ڏيئي وڏيرڪيون اوطاقون مراعاتن جا مرڪز بڻايون ويون. سنڌين جا ڪنڌ جهڪائي وري انهن کي انهن ئي نانگن جي حوالي ڪيو ويو. سڀ ڏتڙيل سنڌي اوطاقن جو طواف ڪندا رهيا جيڪو اڃان تائين جاري آهي ۽ ڳٽ وڌيڪ سوڙهو پيو ٿيندو وڃي. اهي اوطاقون هاڻي ايتريون مضبوط آهن جتي هڪ فرعون/نمرود پنهنجي اشاري سان بادشاهي هلائي ٿو. علائقي جو ”سڀ ڪجهه“ هن جو آهي ۽ وري علائقن جون حد بنديون ڪيون ويون آهن اڌر تم اڌر هم.

اليڪشن کان ڪجهه ڏينهن پوءِ  اوهان سنڌ دشمن فاشسٽ تنظيم جي ان گُهر ته بهاري اچڻ گهرجن جو نه رڳو معاهدو ڪيو پر ان وقت جي وزيراعلى صاحب فرمايو ته جيڪڏهن پنج لک بهاري آيا ته ڪهڙو آسمان ٽٽي پوندو ان ايڏي وڏي سنڌ دشمن بيان کان پوءِ  به اوهان کي ڪنهن اها ميار به ڪونه ڏني ته جيڪڏهن اوهان ايم آر ڊي تحريڪ جي پٺ ۾ ڇرو هڻي حڪومت نه ورتي ته به ڪي آسمان ڪونه ٽٽندا.

اوهان جي هٿ پير ٻڌل حڪومت سنڌين کي اڃيو بکيو ڪري مارڻ واري ڪالاباغ منصوبي کي اڏڻ لاءِ  بجيٽ ۾ پيسا رکيا ۽ اوهان جي وزير وڙن/ڪارڪنن ان جي تعمير لاءِ  ذهني تياريءَ جي مهم به هلائي. (اها ٻي ڳالهه ته اوهان جي حڪومت ۾ ڪيترا وزير صاحب اهڙا به آهن جيڪي سنڌ دشمن/ملڪ دشمن آمر مشرف جي وقت ۾ ناظم هئا ۽ انهن ٽي وي پروگرامن ۾ ڪالاباغ جي وڪالت ۾ پروگرام ڪيا. مشرف جي وڃڻ کان پوءِ  وري اچي هن پارٽيءَ ۾ پنهنجي سهڻن چهرن سان شامل ٿيا)

پوئين اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ صوبي کان سواء ڪٿي حڪومت ته ٺاهي ڪونه سگهي پر حزب اختلاف به پنهنجو آڻي ڪونه سگهي جنهن جو آخري مطلب اهو آهي ته اتي جي عوام اوهان جو ساٿ ڪونه ڏنو.

اوهان جا ئي يعني ساڳي وزير صاحب جا بيان سدائين سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيندا رهيا آهن. اوهان جو اهو چوڻ ته اسين ٻاهرين بهارين/بنگالن/برمين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏينداسون وغيره ظاهر ڪن ٿا ته اوهين ڄڻ ڪنهن قوم کان انتقام پيا وٺو. اوهان (سڀ) پاڻ کان ته پڇو اوهان ڪراچي سميت سنڌ جي ڊوميسائيل تي ڪيترن غير صوبائي ۽ غير ملڪين کي پوليس ۾ ڀرتيون ڏنيون آهن. جيڪي سنڌي نوجوان ڀرتي ٿيا آهن اهي ٻڌائين پيا ته اسين نئين ڀرتيءَ ۾ اٽي ۾ لوڻ آهيون. ڇا هي سڀ ڪجهه به ڪو ٻيو پيو ڪري. ڪوڙن ڊوميسائيلن کي رد نه ڪرڻ پويان ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا.

ٿي سگهي ٿو اوهان جي حڪومت پنهنجي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن هجي ڇو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ٻڙيءَ جهڙي ڪارڪردگيءَ تي به ناز پيئي ڪري ته اوهان ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو ناز نه ڪريو پر سنڌ جو عوام اوهان منجهان ڪيترو مطمئن آهي ان جو ندازو آهي اوهان کي!

ون يونٽ جي ڳٽ کي ٽوڙڻ لاءِ  اديب ۽ شاگرد اڳئين صفن ۾ شامل هئا ۽ وڏيرا (موجود وزير وڙا يا انهن جا وڏا) ان يونٽ جا حامي بڻيل هئا. ان لاءِ  جيل اديبن ۽ شاگردن ڪاٽيا. ضيائي مارشلا جو مقابلو به اديبن ۽ شاگردن ڪيو. ڪوڙا به انهن مٿان وسيا وري حڪومتي مزا انهن وڏيرن/اوهان جي پارٽيءَ ماڻيا جيڪڏهن اوهان اڃان به سمجهو پيا ته سنڌ جا ماڻهو اوهان سان گڏ ڪين آهن ته پوءِ  علامه اقبال چواڻيءَ ”اگر هم وفادار نهين تو تو ڀي دلدار نهين“

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.