بيروزگاري ۽ نوڪرين ڏيڻ ۾ ميرٽ جي لتاڙ جا خدشا

تحرير: غلام حسين جوڻو

اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ ، بي روزگاري وڌندي پئي وڃي. نوجوانن کي روزگار جا وجهه ۽ موقعا ڪونه ٿا ڏنا وڃن. اهي سرڪاري نوڪري وٺڻ لاءِ در ، در چڪر لڳائيندا ٿا رهن. پر، ڪو به کڙ تيل ڪونه ٿو نڪري. خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ ، سرڪاري نوڪريون ملڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. هتي گذريل چوڏهن سالن کان وٺي هڪ ئي پارٽي جي حڪمراني هلندي پئي اچي. تنهن ، ان ڊگهي عرصي دوران ڪنهن به غريب کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪري ڪونه ڏني آهي پر، ميرٽ جي لتاڙ ڪري ، هميشه پنهنجن من پسند ماڻهن کي اقربا پروري ۽ جيالا نواز پاليسي تحت ، نوڪريون ڏنيون آهن. ڪن هنڌن تي نوڪريون وڪرو به ڪيون ويون آهن. سرنديءَ وارن ته اهي پئسا ڏئي ورتيون. اهڙي صورتحال ۾ غريب ويچارا مٿي تي هٿ ڏيئي ويهي رهيا آهن. ڪن وري ڍڳا ڍور کپائي ، گهرو سازو سامان ۽ سون وغيره وڪڻي نوڪريون ورتيون. ايئن ميرٽ جي لتاڙ ڪري،  ان جو جنازو ڪڍيو ويو ۽ حڪومت اها دعويٰ ڪئي هئي ته عوام جي خدمت ڪندي ، غريب ماڻهن کي ميرٽ مطابق نوڪريون ڏنيون آهن.جڏهن ته  اها دعويٰ بلڪل ڪوڙي ۽ غلط آهي. ان دعويٰ ڪرڻ سان حڪومت جي پت وائکي ٿئي ٿي. وري هڪ دفعو ٻيهر نوڪرين جا اشتهار ڏنا ويا آهن ۽ ٿوري وقت اندر مختلف کاتن ۾ مقرريون ڪيون وينديون.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ، ملازمتون ميرٽ جي بنياد تي ڏنيون وينديون؟ يا ماضي وارين پاليسين کي ورجايو ويندو. جن سان ڪنهن به غريب غربي کي روزگار ملي ڪونه سگهندو. ان سلسلي ۾، جيترا آهن وات اوتريون ئي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. چيو پيو وڃي ته ، ملازمتن جا وجهه ۽ موقعا قسمت سان ايندا اهن. سموريون سيٽون چونڊيل نمائندن کي ورهائي ڏنيون وينديون. اهي چونڊيل نمائندا ، ماضي وانگر پنهنجن خاص ماڻهن کي نوازڻ لاءِ هر ، ممڪن ڪوششون ڪندا. نتيجي ۾ ڪنهن به مخالف ڌر کي نوڪري ڪونه ملندي. اها به پيشن گوئي ڪئي پئي وڃي ته هن دفعي به نوڪريون وڪرو ڪيون وينديون. هر نوڪري جي ليول کي ڏسي واڪ ڏيڻ جو سلسلو ته شروع ٿي چڪو آهي. اهو ، سلسلو جيئن وقت ويجهو ايندو تيئن ئي تيز ٿيندو ويندو جيڪڏهن ، ايئن ٿيو ته پوءِ حڪومتي دعويٰ بلڪل غلط ثابت ٿيندي. ميرٽ ۽ اهليت کي مڪمل طرح نظرانداز ڪيو ويندو. جنهن جا چٽا امڪان موجود آهن. جن کي هر گز رد ڪري نه ٿو سگهجي.

هتي اهو به ذڪر ڪرڻ به لازمي ٿو سمجهجي ته صوبائي حڪومت اڳ ۾ ئي ڪيترن ملازمن کي فارغ ڪري چڪي آهي. ان جو مثال اهو سامهون آهي ته ، جڏهن بلاول ڀٽو زرداري گهوٽڪي ضلعي جي دوري تي آيل هو ته ، اتي فارغ ٿيل ملازم ، قرآن شريف کڻي روڊ تي اچي بيٺا ۽ سندن بحالي لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا. هاڻي اها وقت جي ضرورت آهي ته انهن کي سڀ کان پهريان نوڪري ۾ بحال ڪيو وڃي. ٽيون ڏينهن ڪراچي ۾ برطرف ويڪسينيٽر گڏ ٿيا ۽ ڌرڻو ڏنائون. وزير اعليٰ هائوس ڏانهن مارچ به ڪيائون. سندن گهر هئي ته کين نوڪريون ۾ بحال ڪيو وڃي. ان موقعي تي پوليس پهچي ويئي جنهن مظاهرين تي لٺبازي ڪئي. نتيجي ۾ پوليس ۽ مظاهرين جي درميان چڪريون به ٿيون. ڪيترن ئي مظاهرين کي اهلڪارن کنڀي ورتو. هڪ ڄڻي ته پاڻ کي باهه ڏيئي ساڙڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته ڄاڻايل ملازم به رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. سندن احتجاج تي حڪومت ڪو به ڌيان ناهي ڏنو. جڏهن ته سرڪار هن طرف ڌيان ڏيئي ته سندن گهرن جا چلها ٻري سگهن ڪيترائي نوجوان ماستري جي ٽيسٽ پاس ڪري ويٺا آهن. ڪافي وقت گذري چڪو آهي. کين نوڪري ڪونه پئي ڏني وڃي. هو، روزانه احتجاج ڪندا رهن ٿا. پريس ڪلبن جي آڏو بيٺل نظر اچن ٿا. پر، سندن ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونه آهي. ان کان علاوه ڪيترائي ملازم اهڙا به آهن. جن جا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آهن. پر، حڪومت انهن کي بحال ڪري سندن پريشاني دور ڪري ۽ باقي بچيل جاين تي نوان ملازم ميرٽ ۽ اهليت جي بنياد تي ڀرتي ڪيا وڃن. تازو وفاقي حڪومت، سورنهن هزار ملازم نوڪرين تان فارغ ڪيا ويا آهن. جن جو تعلق سنڌ سان آهي. اسان مڃيون ٿا ته ڪنهن کي به بي روزگار ڪرڻ سٺو عمل ڪونه آهي. ان عمل جي خلاف آهيون ۽ مذمت ڪريون ٿا. سنڌ حڪومت ۽ پ پ پ جي قيادت ان جي خلاف واويلا مچائي رهي آهي ۽ پٽڪو ڪرڻ شروع ڪيو اٿن. اهو پٽڪو ڪيتري قدر درست به آهي. پر، سنڌ حڪومت ، پنهنجو گريبان به ڏسي. انهيءَ به ڪيترن ئي ملازمن کي برطرف ڪيو آهي. جن ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي. انهن جي دلين مان ڪهڙيون آهون ۽ دانهون نڪرنديون هونديون.

سو ، ميرٽ جي لتاڙ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. سموريون نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون وڃن. اهو نه سوچڻ گهرجي ته اميدوار مخالف ڏر سان تعلق رکي ٿو تنهن ڪري ان کي نوڪري نه ڏيون. جيڪڏهن ان ۾ اهليت آهي ته کيس نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. ياد رکيو وڃي ته اسان جا ادارا اڳ ۾ ئي فعال ڪونه آهن. ويتر سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڪري جيالن ۽ من پسندن کي نوڪريون ڏنيون ويون ۽ اقربا پروري کان ڪم ورتو ويو ته پوءِ اسان جا ادارا وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط ڪونه ٿي سگهندا. ميرٽ جي لتاڙ ٿيندي. حقدارن جي حق تلفي ٿيندي. جنهن ڪري ماڻهو مايوس ٿيندا ۽ خودڪشين ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. پوءِ خودڪشي ڪرڻ واري کي ڪير به روڪي ڪونه سگهندو. نوجوانن ۾ احساس ڪمتري به پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ نفرتن کي به فروغ ملي سگهي ٿو.

بهرحال ، نوڪرين ڏيڻ واري معاملي ۾ ، جيڪا پاليسي اختيار ڪئي وڃي ٿي جنهن جي باري ۾ مختصر طور مٿي لکي چڪو آهيان. ان پاليسي موجب هڪ ئي ڌر کي “نانيءَ ويڙهو” جي مصداق وانگر نوڪريون ورهائي ڏنيون وڃن ٿيون. هاڻي اها پاليسي مڪمل طرح ناڪامياب ٿي چڪي آهي ۽ مدي خارج ۽ پراڻي آهي. جنهن مان عام ماڻهو کي ڪو به فائدو ڪونه ٿو ملي. جنهن ڪري اهڙي پاليسي ٺاهي وڃي ۽ اهڙي منصوبا بندي ڪئي وڃي جنهن سان ڪنهن جي حق تلفي نه ٿئي ۽ ميرٽ ۽ اهليت کي نظرانداز نه ڪيو وڃي. حقدارن کي پنهنجو حق ملي سگهي. ايئن ڪرڻ سان ادارن ۾ جيڪي سياسي ڀرتيون ٿين ٿيون سي بند ٿي وينديون. ادارا سياسي گهر ڪونه بڻجي سگهندا. پر، اهي وڌيڪ فعال ٿي سگهن ٿا ۽ صحيح نموني سان پنهنجو ڪم ڪري سگهندا. عوام جي سولائي سان خدمت ٿي سگهندي. سياستدانن جو عمل دخل به ڪنهن حد تائين روڪجي ويندو. ان سلسلي ۾ حڪومت کي سوچڻ گهرجي ۽ اهل اميدوارن کي نوڪريون ڏيئي سندن همت افزائي ڪرڻ گهرجي. ان ڏس ۾ ڪنهن قانون سازي جي ضرورت پوي ته اها به ڪرڻ گهرجي ۽ ان تي سختي سان عمل ڪري روزگار ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.