سنڌو پيرزاديءَ جي شخصي ۽ ادبي دنيا

جنم ڏينهن جي حوالي سان

تحرير: زرار پيرزادو

¨ اسان جي معاشري اندر يا ته نياڻيون جيڪر پيدا ئي نه ٿين پر جيڪڏهن ٿين ته ڪاش، اهڙن گهرن ۾ جنم وٺن جتي کين پٽن وانگر فخر سان پاليو نپايو ويندو هجي.

¨ سنڌو پيرزادي اها ڀاڳوند نياڻي آهي جنهن ستار پيرزادي جهڙي اديب پيءُ جي گهر ۾ جنم ورتو جتي کيس پٽ کان به وڌيڪ لاڏلو ڪري پاليو ويو.

¨ ستار صاحب پنهنجي نياڻيءَ کي سندس ننڍي عمر ۾ئي ادبي پروگرامن ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو ۽ ايئن هن کي ادبي حلقي توڙي علمي ادبي شاهرائن کان متعارف ڪرائيندو رهيو. جن تان هلندي هلندي  هن پنهنجي اسلوب جو هڪ الڳ ادبي رستو چونڊيو ۽ پنهنجي ڌار سڃاڻپ پيدا ڪئي.

¨ سنڌوءَ کي گهر اندر ئي ستار صاحب جي لائبريري ملي، انهن ڪتابن کي ئي هن شعور جي وندر بڻايو ۽ پاڻ کي انهن مان فيضياب ڪندي رهي. ايئن ڏسندي ڏسندي هوءَ پاڻ به شاعره ۽ ليکڪا بڻجي وئي.

¨ سنڌوءَ، ادب جو سکڻو مطالعو ئي نه ڪيو پر ان شعبي ۾ تعليم به ورتائين. هن اردو ادب ۾ ماسٽرز ڪئي. ايئن ڊگري يافته اديبا بڻي آهي.

¨ ڪي اديب اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي سڀاءُ ۾ ڪنهن ريت به اديب شاعر وغيره ناهن لڳندا پر سنڌو انهن شاعرن يا شاعرائن مان هڪ آهي جنهن کي ڏسندي ڏسندي ڀانئبو آهي ته هن کي واقعي به شاعره ئي هئڻ گهرجي. مون هڪ ليک ۾ ڄاڻايو هو ته سنڌو شاعري ڪندي ناهي پر هوءَ پاڻ شاعري آهي، اوسي پاسي توڙي خاندان ۾ موجود شاعراڻو ورثو سندس خمير آهي.

¨ سنڌو هڪ ئي وقت سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ انتهائي سريلي، پختي ۽ فني شاعري ڪندي آهي. اردو ادب ۾ ماسٽرز هئڻ ڪري مٿس اردو ادب جو گهرو اثر به آهي ۽ ان اثر سبب جڏهن هوءَ اردو شاعري جي زمين ۾ سنڌي شاعري ڪندي آهي ته ان سان سنڌي شاعري کي نئون لهجو ملي ويندو آهي..

¨ سندس سنڌي نظمن ۽ غزلن ۾ مونکي امجد اسلام امجد جي شاعري جي تاثير ملندي آهي. امجد اسلام امجد وانگر مان سنڌوءَ  جي شاعري به بيحد چاهه سان پڙهندو آهيان.

¨ سنڌوءَ جي سڃاڻپ جا ٻيا به ڪيترائي ادبي حوالا آهن. پاڻ پنهنجي والد وانگر مترجم به آهي. ويجهڙ ۾ فاطمه حسن جي اردو نظمن جي مجموعي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿائين ۽ ايئن سنڌي شاعري کي به اردو ٻوليءَ جو حسين ويس پارائيندي رهي آهي.

¨ ادب ۾ ماسٽرز هئڻ ڪري هوءَ سٺي نقاد به آهي. ادب جي فني ۽ فڪري گهرجن بابت سندس ڪنهن به راءِ، مقالي، تبصري يا ادبي اڀياس کي اسان ادب جي استاد جو ماهراڻو نقطو سمجهندا آهيون.

¨ سنڌوءَ جي سڃاڻپ ادبي رسالي ”ريکائون“ جي ايڊيٽر ۽ پبلشر واري به آهي. هن نامياري شاعر رحمت پيرزادي جي ذاتي زندگي سان گڏ ادبي زندگي ۾ به جيون ساٿي وارو ڪردار ادا ڪندي ان رسالي کي هلائڻ ۾ پڻ سندس ٻانهن ٻيلي بڻيل آهي.

¨ پيشي وراڻي طور تي تدريس جي شعبي سان سلهاڙيل آهي، استاد آهي. ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ڪيترن سالن کان بند پيل سيڪنڊري گرلز اسڪول کي کولي  هلائڻ جو نه رڳو چئلنيج قبول ڪيائين پر انتهائي ڏکين ۽ تڪليف ڏيندڙ حالتن ۾ هلائي به ڏيکاريائين ۽ ايئن ڳوٺ ٻلهڙيجي جي گرلز سيڪنڊري اسڪول جي پهرين هيڊ ماسترياڻي بڻجڻ جي تاريخ به درج ڪيائين.

¨ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ پڙهائڻ دوران هن هڪ ٻيو به يادگار ۽ تاريخي ڪم ڪيو. 1978ع ۾ انور پيرزادي ڳوٺ ۾ عورت جي ادبي سنگت جو جيڪو بنياد وڌو هو تنهن کي پنجاهه سالن کانپوءِ 2019ع ۾ وري سنڌوءَ بحال ڪري ڏيکاريو ۽ مرڪزي سيڪريٽري احمد سولنگي سان رابطو ڪري ان دبي سنگت کي شاخ جو به درجو ڏياريائين. ايئن ڳوٺ ۾ نئين نسل جي ڇوڪرين ۾ هن  ادبي سرگرمين جو نئون لاڙو پيدا ڪيو، خود سنگت کي سيڪريٽري طور نئين انداز سان هلايائين هوءَ هاڻي عورتن جي ادبي واٽس اپ گروپ ” ميران لائبريري“ جي به سرگرم ميمبر آهي جتي نوجوان ڇوڪرين کي سندس ادبي رهنمائي ملندي آهي.

¨ سنڌو پنهنجي والد جي هن ادبي ورثي کي سنڀالڻ جو ذمو پراڻمرادو پنهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏيو آهي ۽ وڏي ڀيڻ جي حيثيت ۾ هن اهو بار پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي ڪلهن تي رکڻ مناسب نه سمجهيو. ستار صاحب جي گذر ڪرڻ کانپوءِ سنڌوءَ، رحمت پيرزادي جي سهڪار سان پنهنجي والد جو اڻ ڇپيل مواد ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ شروع ڪيو آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جنهن ستار پيرزادي پنهنجي ڌيءَ کي پٽن وانگر پاليو هو سا اڄ پٽن وانگر ئي سندس ادبي ورثي کي بهترين نموني سنڀالي رهي آهي. جنهن سان اسان کي به دلجاءِ آهي ته ستار صاحب جو ادبي ورثو محفوظ ۽ لائق هٿن ۾ آهي ۽ سندس هڪ هڪ لفظ سنڀالجي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.