بحريا ٽائون سنڌ تي مسلسل حملي آور آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي  ليگل ايڊوائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي آفيس سيڪريٽري گل حسن ڪيڙانو ۽ مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي پنهنجي گڏيل بيان ۾ بحريا ٽائون انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت طرفان ڳوٺ علي داد گبول تي چڙهائي ڪري ڳوٺاڻن جا گهر ڊاهڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بحريا ٽائون ايسٽ انڊيا ڪمپني وانگر سنڌ تي مسلسل حملي آور آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته قديمي ڳوٺن تي چڙهايون ڪندڙ بحريا ٽائون انتظاميا ۽ ان جي ڪمدار بڻيل سنڌ حڪومت جي عملدارن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.