ڪيٽي بندر ويجهو ٻه ٻارڙيون تلاءُ ۾ ٻڏي فوت

گھوڙاٻاري (رپورٽ :سيد امير شاھ ڀاڏائي)  ڪيٽي بندرويجهو ڳوٺ حمزوچمڙيو جت ۾ 2 ٻارڙيون پاڻيءَ جي  تلاءُ ۾ پير ترڪڻ ڪري ٻڏي فوت ٿي  ويون،خبرموجب: ڪيٽي بندر ويجهو ڳوٺ حمزو جت ۾ ٻه ٻارڙيون 5سال زاهدا ڌيءَ ميرجت ۽ 7سال صائمه ڌيءَ خان جت پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ پير ترڪي پوڻ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويون جڏهن ته ٻڏي فوت ٿي ويل نياڻين جي وارثن ٻڌايو ته سندن معصوم نياڻيون گهر جي ڀرسان پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ ٿانء ڌوئڻ وقت پير ترڪڻ سبب پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويون هوڏانهن ٻن نياڻي جي هڪ ئي وقت گڏ فوت ٿيڻ تي سندن گهر ۾ ڪهرام متل آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.