جعلي الاٽمينٽ، حاجي آدم جوکئي خلاف ريفرنس داخل

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت ۾ عوام کان وڏي پيماني تي فراڊ ڪندڙن حاجي آدم جوکيو خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي .عدالت  نيب اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار،  عبوري ريفرنس داخل.نيب ريفرنس ۾ ٻڌايو آهي ته 3ارب کان وڌيڪ  جي فراڊ جو الزام آهي .ريفرنس ۾ 2 جوابدار نامزد آهي. لعل محمد جوکيو کي به نامزد ڪيو ويو آهي .احتساب عدالت جي انتظامي جج ريفرنس جي منظوري ڏئي ريفرنس عدالت نمبر 4 ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ڪيس جي ٻڌڻي 28 سٽمپيبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. نيب ريفرنس ۾ چيو ويو ته جوابدار مختلف وقتن ۾سرڪاري زمين کي جعلي الاٽمنيٽ جي ذريعي وڪرو ڪيو آهي. عدالت جي ٻاهران متاٽرين جي هڪ وڏي تعداد احتجاج ڪيو، جنهن ۾ مرد ۽ عورتون شامل هيون .متاٽرن جو چوڻ هو ته اسان کي انصاف ڏنو وڃي. اسان 30 سال کان پنهنجي پلاٽ جا منتظر آهيون. گذريل ٻڌڻي ته جاچ آفيسر تي عدالت 20هزار ڏنڊ لڳايو هو . هنن جو چوڻ هو ته نيب ٽال مٽول ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.