طالبان حڪومت سان خطي ۾ اسلامي نظام لاءِ راهون کلنديون: سراج الحق

حيدرآباد/سڪرنڊ(نمائندا) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته امام حسين رضه ملوڪيت ۽ ظلم خلاف جدوجهد  ڪئي هئي ان جو مشن ئي اُمتِ مسلمه لاءِ ڪاميابيءَ جو رستو آهي، بدقسمتيءَ سان پاڪستان جو 22 ڪروڙ عوام ڪجهه خاندانن جو غلام بڻيل آهي. انهن ئي خاندانن اسان کي اُمت ۽ هڪ قوم بڻجڻ نه ڏنو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ سيد جاني شاهه جي رهائش تي سيد شهاب الدين شاهه جي ڀاءُ سيد فيروز شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هوڏانهن مولانا سراج الحق سڪرنڊ لڳ سنڌ جي مشهور روحاني درگاهه پيرذاڪري تي پنهنجي ساٿين سميت پهتو. گادي نشين سيد محمد منير شاهه سان ذاڪري سان اڪيلائي ملاقات ڪري ملڪ ۽ سنڌ صوبي جي موجوده حالتن تي ڳالهيون ڪيون. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ وڏو عرصو جنرلن حڪومت ڪئي آهي. ملڪ اندر غربت نچي رهي آهي ۽ مهانگائي جو طوفان برپا ٿيل آهي.هن چيو ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت خوش آئنده ڳالهه آ جنهن سان خطي ۾ اسلامي نظام جي راهون کلنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.