نوري آباد ڀرسان مبينا چورن تي سيڪيورٽي گارڊن جي فائرنگ هڪ مارجي ويو، 2 زخمي، احتجاج

نوري آباد/ ٺٽو (نمائندن وٽان) نوري آباد ٿاڻي جي حد ويجھو ڪوھستاني پٽي ڪارو جبل وٽ فائرنگ دوران ھڪ ڄڻو مبينا طور گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو ٻه ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا واقعي ۾ گيلو عرف واحد بخش  ولد بادو پالاري شديد زخمي ٿي پيو بروقت علاج نه ٿيڻ ڪري چار ڪلاڪ کانپوءِ جهنگ ۾ فوت ٿي ويو، جڏھن ته 2 ڄڻا جاويد ولد باقر پالاري ۽ صابر ولد علي محمد پالاري کي ونڊ ڪمپني ۾ مقررسڪيورٽي وارن پڪڙي ورتو جنھن بعد  مارجي ويل جو لاش ۽ ٻنھي  ڄاڻايل چورن کي سيڪورٽي گارڊن کڻي جنگشاھي ويجھو لڳندڙ ٽاور تي آندو، جتي نوري آباد پوليس جي حد ھجڻ ڪري نوري آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، نوري آباد پوليس ٿاڻي تي ونڊ پاور انتظاميا پاران ڪا چوري جي اين سي داخل ناھي ڪرائي وئي سيڪورٽي گارڊن پاران بيان ڏنو آھي ته ونڊ پاور مان چوري ڪري رھيا ھيا، جنھن سبب گولي ھڻي زخمي ڪيا، جنھن ڪري ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، نوري آباد پوليس پاران چار ڄڻا. ظهير جاکرو.حبيب ممتاز جاکرو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، فوتي جي وارثن بادو پالاري ۽ زخمين جي وارثن باقر پالاري  پاران صحافين کي  ٻڌايو ويو  ته ڪا به چوري ناھي، ٿي سيڪورٽي گارڊن گولي ھڻي اسان جي نوجوان کي بي گناهه راهه رستي ويندي ماريو آھي، هن وس وارن کي اپيل آھي ته اسان سان  انصاف ڪيو وڃي، فوتي جو لاش نوري آباد ٿاڻي تي آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد پورسٽ مارٽم لاءِ ٿاڻو بولاخان منتقل ڪيو پيو وڃي زخمين کي نوري آباد جي سرڪاري اسپتال ۾ طبي امداد ڏني وئي، نوري آباد ايس ايچ او صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پالاري چوري جي ارادي سان ويا هيا،  هوائي فائرنگ ٿي ته موقعي تان فرار ٿي ويا، بعد ۾ سيڪورٽي وارن  پنج ڪلو ميٽر پري رستي تي پڪڙي فائرنگ ڪئي ۽ ٻين کي پڪڙي واپس ٽاور تي کڻائي ويا وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.