عالمي برادري افغانستان جا فنڊ بحال ڪري: شاهه محمود

اسلام آباد (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان لاءِ وسيلن جي دستيابيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي ، افغانستان جا فنڊ رڳي ڪافي نه هوندا، عالمي برادريءَ کي افغانستان کي مالي بحران کان بچائڻ ۽ معاونت لاءِ اڳيان وڌڻ جي ضرورت آهي. جمعي ڏينهن وفدن جي سطح تي ڳالهين بعد اسپين جي هم منصب جوزي البرس سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عالمي برادريءَ کي افغانستان جي مدد لاءِ اڳيان وڌڻو پوندو. موجوده صورتحال ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جا اثر شديد نوعيت جا ٿي سگهن ٿا، اسان کي افغانستان طرف هاڪاري رويي جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.