دنيا طالبان حڪومت تسليم نه ڪري: اڳوڻو افغان سفير

نيويارڪ(م ڊ ) گڏيل قومن ۾ افغانستان جي سفير عالمي اداري تي زور ڀريو آهي ته اهو طالبان تي پابنديون لاڳو ڪري، غلام اسحاق زئي چيو ته دنيا طالبان حڪومت کي تسليم نه ڪري، سلامتي ڪائونسل اجلاس کي خطاب  ۾ هن چيو ته روڊن تي ماڻهو طالبان خلاف نڪتل آهن، ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس چيو ته عالمي برادري کي طالبان سان ڳالهيون جاري رکڻيون پونديون، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته افغانستان جي انساني صورتحال سنگين آهي ان ڪري بين الاقوامي برادري نئين تبديلي تي متفقا نظريو اختيار ڪري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.