اسڪولن تي حملا بند ٿيڻ گهرجن: انتونيو گوتريس

گڏيل قومون (م ڊ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش گذريل ڏينهن اسڪولن تي حملن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو  ڪندي چيو ته تعليم جي تحفظ جو مطلب مستقبل جي حفاظت آهي. چيني خابرو اداري مطابق انتونيو گوتريش تعليم کي حملن کان بچائڻ جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ ورچوئل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عاليم برادري کي هڪ آواز ٿي اهو مطالبو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اسڪولن تي حملا بند ٿيڻ گهرجن.

اڳوڻي افغان حڪومت جي ڪيترن ئي ميمبرن جا بينڪ اڪائونٽ منجمد

ڪابل (م ڊ) افغانستان اڳوڻي افغان حڪومت سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي اختيارين جا بينڪ اڪائونٽس فريز ڪري ڇڏيا. افغان  خابرو اداري طلوع مطابق طالبان جي ثقافتي ڪميشن جي ميمبر انعام الله سمنگاني ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گذريل حڪومت لاءِ ڪم ڪندڙ ڪجهه ماڻهن جا بينڪ اڪائونٽس فريز ڪيا ويا آهن. طالبان اڳواڻ انهن ماڻهن جا نالا ظاهر ڪرڻ کانسواءِ ٻڌايو ته جن ماڻهن جا اڪائونٽس بند ڪيا ويا آهن انهن مان اڪثر ملڪ مان فرار ٿي چڪا آهن.

ڪراچي ۾ مختلف حادثا، 2 ڄڻا فوت

ڪراچي ( رپورٽر )  ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ حادثن دوران 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. شير شاهه جي علائقي ڊلڊا فيڪٽري  جي ايڇ ڪي ايم چانور گدامـ۾ ڪم ڪرڻ دوران ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ پورھيت نادر فوت ٿي ويو. لنڪ روڊ مرادان پمپ ڀرسان روڊ حادثي ۾ 68 سالن جو پيرسن محمد حسين ولد غلام حسين فوت ٿي ويو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.