سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن جوابدارن جي سزا رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ بوري بند لاش ملڻ واري ڪيس ۾ حوابدارن عمران  عرف بنگالي ۽ شيراز جي سزا جي خلاف اپيل منظور ڪري سزا ردڪري ڇڏي آهي. عدالت جو جيل انتظاميا کي ٻنهي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ثبوتن مان نٿو لڳي ته جوابدارن قتل ڪيو آهي، جڏهن سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته جوابدارن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، ياد رهي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي سزاموت ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.