22 ارب رهتن جي ادائيگي لاءِ حبيب شگر مل جي گيٽ آڏو آبادگارن جو ڌرڻو جاري

نوابشاھ(رپورٽ: اڪرم چانڊيو) حبيب شوگر مل نواب شاھ جي مين گيٽ اڳيان آبادگارن جو لڳڻ ڌرڻو گذريل 48 ڪلاڪن کان جاري آهي شوگر مل مالڪن پاران آبادگارن جا رھيل پئسا 22 ارب روپيا نه ڏيڻ خلاف آبادگارن  جي تنظيم سنڌ گروئرس آرگنائيزيشن پاران چيئرمين رضا محمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مين گيٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ھو 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود آبادگارن وٽ نه ضلعي انتظاميا نه شوگر انتظاميه نه ئي ڪو نمائندو پھتو آھي جيستائين شگر مل انتظاميا اسان جو مسئلو حل نه ڪندي اسان جو احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو ھنن چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نٿو ڪيو وڃي ھنن چيو ته اسان کي اسان جو حق نه ڏنو ويو ته ھي احتجاجي تحريڪ تيز ٿيندي ھر صورت ۾اسان پنھنجو حق وٺنداسين ھنن چيو ته حبيب شگر مل بعد ضلعي جي ٻين شگر ملن سڪرنڊ شگر مل النور شگر مل ٻانڌي شگر مل جي گيٽن تي احتجاجي ڌرڻا هنيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.