چيف اليڪشن ڪمشنر اپوزيشن جو ترجمان قرار، سياست ڪرڻي آهي ته عهدو ڇڏي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد(بيورو+ م ڊ) وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري چيف اليڪشن ڪمشنر کي اپوزيشن جو ترجمان قرار ڏيندي چيو آهي ته کيس سياست ڪرڻي آهي ته عهدو ڇڏي ڏئي ۽ اليڪشن وڙهي، اسلام آباد ۾ اعظم  سواتي ۽ بابر بابر اعواڻ سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر نوازشريف سان ويجهي رابطي ۾ رهيو آهي، هن چيو ته اسان واعدو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن کي آزاد، منصفاڻو ۽ شفاف بڻائينداسين، اليڪشن ڪميشن جي منطق عجيب ۽ غريب آهي، هن چيو ته ڪو به شخص اليڪشن ڪميشن مان مطمئن ناهي، اپوزيشن کي چيو آهي ته اچو چونڊ سڌارن تي ڳالهيون ڪيون، هن چيو ته شفاف اليڪشن لاءِ اسان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا، لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن اپوزيشن جو هيڊڪوارٽر بڻجي ويو آهي، بابر اعواڻ چيو ته پهريون ڀيرو پارلياماني ڪميٽي حڪومت کي بلڊوز ڪيو، اپوزيشن جون چونڊ سڌارن ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي تجويزون نه آيون، هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته بل کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کڻي وينداسين، 13سيپٽمبر تي اجلاس گهرايو آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.