سنڌ جي ٻيٽن تي سيڙپڪاري جي اجازت ڏني وڃي: خسرو بختيار

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي وفاقي وزير صنعت و پيداوار خسرو بختيار ،گورنر سنڌ عمران اسماعيل سان گڏ ڪانفرنس چيو ته جيڪڏهن ملڪ جي  ترقي ڏسڻ چاھيون ٿا ته ڪراچي کي اھميت ڏيڻي پوندي ڪراچي جي ٽيڪس جو پيسو صنعتي سيڪٽر ۾ لڳايو وڃي ته معيشت 14  کان  30 بلين تائين پھچي سگھي ٿي ھـن چيو ته ڪراچي جي بجلي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ نيشـنل گرڊ مان بجلي ڏني پئي وڃي هن چيو ته  اسٽيل مل کي خانگائڻ پيا وڃون سنڌ جي ٻيٽن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته مون اميد ختم ناھي ڪئي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن خدا واسطي ٻيٽن تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جيڪي ماڻهو ٻيٽن تي آبادي ڪرڻ جا مخالف ھئا ھاڻ سمجھي ويا آهن ته ٻيٽن تي شھر اڏڻ سان سنڌ جي نوجوانن کي روزگار ملندو ۽ سنڌ جي خوشحالي ٿيندي سنڌ حڪومت کي روينيو پڻ ملندو ھن چيو ته مان سنڌ حڪومت کي ٻيھر چوندس ته ٻيٽن تي سيڙپڪاري ڪرائڻ تي غور ويچار ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.