سينيٽ ڪميٽي پاران ووٽنگ مشين سميت اڪثر حڪومتي ترميمون رد

اليڪشن ڪميشن پئسا ورتا آهن، اهڙن ادارن کي باهه ڏيڻ گهرجي: وفاقي وزير

اسلام آباد (م ڊ) ريلوي واري وزير سينيٽر اعظم سواتي سينيٽ ڪميٽي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن تي الزامن جو مينهن وسائي ڇڏيو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن اختيارين احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ چيئرمين تاج حيدر چيو ته اليڪشن ڪميشن اي وي ايم جي معاملي تي خط لکيو آهي،  جنهن اداري جي قانون تي خدشا، اعتراض آهن ان کي ٻڌو وڃي.ان موقعي تي پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ چيو ته انهن کي اڳ ۾ ڳالهائڻ ڏنو وڃي، هڪ اداري جي موقف تي حڪومت جو موقف به اچڻ گهرجي، ان اداري جو مينڊيٽ آئين موجب صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي مرضي نٿي هلائي سگهي، اها قانون کان مٿانهين ناهي، پارليامينٽ جي قانون سازي جي اختيار تي ڪو اعتراض نٿو ڪري سگهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجون سفارشون ڏئي سگهي ٿي اعتراض نه.وفاقي وزير اعظم سواتي چيو ته اليڪشن ڪميشن حڪومت جو مذاق اڏائي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن سدائين ڌانڌلي ڪندي آهي، اليڪشن ڪميشن پئسا پڪڙي رکيا آهن، توهان دوزخ ۾ وڃو، اهڙن ادارن کي باهه ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ملڪ جي جمهوريت کي تباهه ڪرڻ جي ضامن آهي.اعظم سواتي جي الزامن تي اليڪشن ڪميشن اختيارين اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو ته سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ چيو آئين مان اليڪشن ڪميشن کي ڪڍي ڇڏيو، حڪومت پاڻ چونڊون ڪرائي.سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته جڏهن کان اليڪشن ڪميشن بااختيار ٿي آهي، انهن کي تڪليف پئي ٿئي.سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اليڪشن ڪميشن تي الزام به سخت لڳايا ويا آهن، اعظم سواتي ٻڌائي ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن کان پئسا ورتا آهن؟ ڇا اليڪشن ڪميشن ن ليگ يا پ پ کان پئسا ورتا آهن؟مملڪتي وزير محمد علي خان ۽ ڪامران مرتضيٰ اليڪشن ڪميشن اختيارين کي پرچائڻ ويا ته اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ظفر اقبال چيو وزيرن ايوان صدر ۾ اجلاس ۾ به بدتميزي ڪئي، اڄ سنگين الزام هنيا ويا، اهڙي ماحول ۾ اجلاس ۾ شرڪت نٿا ڪري سگهون، وزيرن جي رويي بابت چيف اليڪشن ڪمشنر کي آگاهه ڪنداسين.پوءِ اليڪشن ڪميشن جو وفد اجلاس ڇڏي پارليامينٽ هائوس مان روانو ٿي ويو، ان کان اڳ  سينيٽ ڪميٽي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ آءِ ووٽنگ، اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ چونڊن سيمت اليڪشن ايڪٽ ۾ اڪثرحڪومتي ترميمون رد ڪري ڇڏيون، وفاقي وزير اعظم سواتي چيو ته هن جي ميمبر کي ووٽ وجهڻ جو حق نه پيو ڏنو وڃي، هو اجلاس کان واڪ آئوٽ ڪري ٿو، جنهن بعد اعظم سواتي سان گڏ سمورا 6 حڪومتي سينيٽر ۽ وزير اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته انهن بلن تي اتفاق راءِ ممڪن ناهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ئي وڃڻ گهرجي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.