وفاق سنڌ کان سستي بجلي وٺڻ بدران مهانگي خريد ڪري پيو: امتياز شيخ

ڪراچي (رپورٽر)  توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي سستي بجلي جي منصوبن کي رد  ڪري مهانگي بجلي جا منصوبا حاصل ڪري رهي آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، صوبائي وزير امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته 6 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيل سي سي آئي گڏجاڻي ۾ انڊيڪٽيو جنريشن ڪيپسٽي ايڪسپينشن پلان ۾ سنڌ حڪومت جي سستي بجلي منصوبن کي رد ڪري 88 سيڪڙو مهانگي بجلي جا منصوبا شامل ڪيا ويا پيا وڃن. هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ سي سي آئي گڏجاڻي ۾ سنڌ جي موقف کي بهترين انداز ۾ پيش ڪيو مانجھند جو 400 ميگاواٽ جو سستي بجلي جو پاور پروجيڪٽ منظور ناهي ڪيو ويو ان سان گڏ ٿر ڪول جو اوريڪل ڪمپني جو سستي بجلي جو منصوبو به منظور ناهي ڪيو ويو،هن چيو ته اسان جي ڳالھ نه ٻڌي ويندي ته عدالتي آپشن تي غور ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.