سنڌ سرڪار کي سنڌي پڙهائڻ کان ڪنهن ناهي روڪيو: حليم عادل

ڪراچي(رپورٽر) اپوزيشن ليڊر سنڌ اسمبلي حليم عادل شيخ سنڌ اسمبلي ٻاهريان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليم تباهي ڪئي پئي وڃي سردار شاهه سنڌ جي ثقافت کي تباهه ڪرڻ بعد تعليم کي تباهه  ڪرڻ چاهي ٿو، 13 سالن ۾ تعليم جي ميدان ۾ 1450 ارب روپيا خرچ ويا آهن تنهن هوندي 69 لک، 45 هزار کان مٿي ٻارڙا تعليم کان محروم آهن، 12 هزار اسڪول بند پيل آهن وڌيڪ ڏهه وزار اسڪول بند ڪيا پيا وڃن جيڪڏهن بند ڪرڻا هئا ته اربين روپيا خرچ ڪري اهي اسڪول ڇو تعمير ڪرايا ويا؟ ٻئي پاسي وري 6000 هزارن واري ڊيسڪ 29000 ۾ خريد ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، جنهن سان سنڌ جي خزاني کي 7 ارب جو نقصان پهچندو، هن چيو ته هڪ جهڙي نصاب بابت سنڌ جي وزير تعليم ڪوڙ ڳالهائي اعتراض ڪيو ته سنڌ ٻولي نه پڙهائي ويندي، ڪنهن ڪونه روڪيو آهي سمورا صوبا پنهنجي صوبائي زبان ۾ تعليم ڏيئي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.