ڪراچي ۾ جمعي ڏينهن مارڪيٽون کولڻ جي اجازت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ جمعي ڏينهن ڪاروبار تان بندش ختم ڪري ڇڏي آهي. جنهن کان پوءِ مارڪيٽون ۽ دوڪان کلي ويا. زينب مارڪيٽ، گل پلازه، طارق روڊ، حيدري، صدر، بولٽن مارڪيٽ سميت  ننڍيون  ۽ وڏيون مااڪيٽون کلڻ بعد ڪاروباري سرگرميون جاري آهن .ان حوالي سان ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته واپارين کي جمعي جي ڏينهن مارڪيٽون کولڻ جي لاءِ چئي ڇڏيو آهي، هاڻ هفتي ۾ صرف آچر جي ڏينهن مارڪيٽون بند رهنديون. ان حوالي سان واپاري اڳواڻن چيو ته واپاري ايس او پيز جو خيال رکندا. سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، جنهن اسان کي ڪاروبار جي اجازت ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.