ناليوارو اداڪار عمرشريف سخت بيمار، علاج ڪرائينداسين: سردار شاهه

ڪراچي(م ڊ) ناليوارو ڪاميڊين دل جي عارضي ۾ مبتلا هجڻ سبب  اسپتال ۾ داخل آهي ۽ ڊاڪٽرن طرفان سندس زندگي کي خطرو ٻڌايو ويو آهي.تازو ئي سوشل ميڊيا تي عمر شريف جي ڳڻتي جوڳيون خبرون وائرل ٿيون جنهن کانپوءِ هن جي پُٽ جواد عمر انهن خبرن جي ترديد ڪندي ٻڌايو ته والد دل جي تڪليف ۾ مبتلا آهي پر سندس علاج هلندڙ آهي، جلد ساڻس گڏ وڊيو شيئر ڪنداسين.جنهن بعد هاڻي ناليواري ڪاميڊين عمر شريف جي وزيراعظم عمران خان کان مدد واري وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي.عمر شريف جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هو وزيراعظم عمران خان کان پنهنجي علاج ۾ مدد گهري رهيو آهي.هوڏانهن سنڌ جي ثقافت واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته عمرشريف اسان جو قومي اثاثو آهي، هو جتي علاج ڪرائڻ چاهي ثقافت کاتو سندس علاج ڪرائيندو، اسان جون نيڪ خواهشون هن سان گڏ آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.