ايم ڪيو ايم جو سنڌ حڪومت خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر ) ايم ڪيو ايم ڪي اليڪٽرڪ ۽ سنڌ حڪومت خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي اڳوڻي ميئر وسيم  اختر چيو آهي ته اسان چوڙيون ناهن پاتيون، تمام گهڻو ٿي ويو هاڻي ڪراچي کي لٽجڻ نه ڏينداسين، ڪي اليڪٽر کي خبردار ڪيون ٿا اها به ان کان پاسو ڪري، جيڪڏهن اهو معاهدو ڪيو ويو ته اسان روڊن تي اينداسين. ڪراچي سان زيادتن جو آرمي چيف، صدر ۽ وزيراعظم نوٽيس وٺڻ، گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي وسيم اختر چيو ته هاڻي ڏکڻ سنڌ جو الڳ سيڪريٽريٽ ٺاهيو وڃي، هن چيو ته رڳو ڪراچي وارن کان ٽئڪس ڇو ورتو وڃي ٿو، پوري سنڌ کان ٽئڪس اڳاڙي ڪئي وڃي، هن چيو ته قبرستانن کي وڪڻڻ لاءِ به اٿارٽي ٺاهي وئي آهي، سمورن باغن کي ڪمرشلائيز ڪيو پيو وڃي. جيڪي باغ ايم ڪيو ايم ٺاهيا انهن تي به سياست ڪئي پئي وڃي. وسيم اختر چيو ته ڪراچي ۾ جيترا به ڪنٽيومينٽ ايريا آهن انهن کان اڳ ۾ ئي ڪنزروينسي ٽئڪس ورتو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.