ووٽنگ مشين تي قانونسازي نه ٿي ته آرڊيننس آڻينداسين: صدر

اسلام آباد(م ڊ) صدر عارف علوي چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ ناڪامي جو سبب پاڪستان تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو  آهي، ڊان نيوز کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته طالبان جي سي پيڪ ۾ شموليت جي آڇ قبول ڪريون ٿا، جيڪڏهن اپوزيشن ووٽنگ مشين تي قانونسازي نه ڪندي ته آرڊيننس آڻينداسين، ايندڙ 5 سال به پي ٽي آءِ حڪومت جا ڏسي رهيو آهيان، افغانستان جي آمريڪا ۾ پاليسي ناڪام ٿي، حڪومت کي آمريڪا جي فون جو انتظار ناهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.