پنج شير ۾ جنگ سبب بک جو راڄ، طالبان جو صحافين تي تشدد

ڪابل(م ڊ) پنج شير جي ڪجهه رهواسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پنج شير ويندڙ روڊ نه کوليا ويا ته صوبي جا ماڻهو بکيا مري ويندا، هڪ خاندان جنهن جو نوجوان پٽ جنگ ۾ مارجي ويو ان چيو ته اتي انساني حقن جي  صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، شائستا مهرابن ٻڌايو ته ويڙهه ايتري قدم وڌي وئي آهي جو ماڻهو جبلن تي رهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جڏهن ته داعش جو اهم اڳواڻ فاروق بنگلزئي افغانستان جي ضلعي زرنج نيمروج ۾ افغان طالبان سان چڪري ۾ مارجي ويوآهي، هوڏانهن پاڪستان جي قومي سلامتي جي مشير معيد يوسف پنج شير ۾ پاڪستان پاران طالبان کي مدد فراهم ڪرڻ جي الزامن کي رد ڪندي ان کي ڀارت پاران بڻايل جعلي نيوز نيٽ ورڪ ۽ اڳوڻي افغان حڪومت جي الزام سان ڳنڍي ڇڏيو، سي اين اين ٽي وي شو ۾ اينڪر سوال ڪيو ته پاڪستاني فوج ڊرونز ۽ ٻين هٿيارن جو استعمال ڪندي پنج شير ۾ طالبان جي مخالفن تي حملن ۾ مدد فراهم ڪئي؟ جنهن جي جواب ۾ معيد يوسف چيو ته مان رڳو ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته اها کل ڏياريندڙ ڳالهه آهي، هن چيو ته ڪابل جي اڳوڻي حڪومت پاران قرباني جو ٻڪر بڻايو ويو هو جنهن تي بدقسمتي سان عالمي برادري به يقين ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، هن چيو ته آءِ ايس ايس سربراهه کان گهڻو اڳ سي آءِ اي جو ڊائريڪٽر افغانستان ڇو ويو هو؟ هو ڪنهن ” ڳجهي مشن“ تي نه ويو هو.هوڏانهن افغان طالبان صحافين تي تشدد ڪيو آهي جنهن جي فوٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ٻن صحافين کي احتجاج جي ڪوريج تي کنڀي ٿاڻي ۾ ڏنڊن، لوهي تارن ۽ ڪوڙن سان ماريو ويو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.