ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 83 ڄڻا فوت، 3689 نوان ڪيس

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 83 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.اين سي او سي  موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 61 هزار 128 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 3689 ڪيسن جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 11 لک 97 هزار 887 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 3755 ڄڻا وائرس مان صحتياب ٿيا، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 91440 آهي.

چيني ۽ آمريڪي صدر وچ ۾ رابطو، لاڳاپن تي ڳالهيون

بيجنگ(م ڊ ) چيني صدر شي جن پنگ پنهنجي هم منصب جوبائيڊن سان ٽيلي فون تي  ڳالهيون ڪيون آهن . جنهن ۾ چين آمريڪا لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ، شي جن پنگ نشاندهي ڪئي ته آمريڪا طرفان ڪجهه عرصي کان اختيار ڪيل پاليسين چين آمريڪا لاڳاپن ۾ شديد مشلاتون پيدا ڪيون  آهن . اهي ٻنهن ملڪن جي عوام جي  مفادن ۽ دنيا جي سمورن ملڪن جي گڏيل مفادن ۾ ناهن .

سعيد غني، چيف سيڪريٽري  کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ايمپلائرسوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ ۾او پي  ايس آفيسرن جي مقرري واري ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ ته عدالت صوبائي وزير سعيد غني، چيف سيڪريٽري سنڌ، ممتاز شاهه، سي سي جي ڪمشنر محمد اشفاق مهر، ليبر کاتي جي سيڪريٽري رشيد احمد سولنگي، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن نادرحسين قناصرو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر آصف دائود کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته  عدالت او پي ايس آفيسرن کي هثائڻ جو حڪم ڏنو هو جڏهن ته ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سي سي او پي ايس تي مقرر ڪئي وئي آهي،  عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ ته توهين عدالت جي ڪاروائي ڪئي وڃي.

چونڊ سڌارا ٿيندا ۽ ووٽنگ مشين به ايندي: شهباز گل

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر  شهباز گل چيو آهي ته (ن) ليگ چونڊ سڌارا صرف ۽ صرف نااهل کي پارٽي صدارت سونپڻ لاءِ ڪيون، جيترو مرضي روئي وٺو اليڪٽرانڪ ووٽنگ ٿي رهنديون. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال جي بيان جي ردعمل تي ڪندي ڪيو. هن چيو ته (ن) ليگ چونڊ سڌارا صرف ۽ صرف نااهل کي پارٽي صدارت بخشڻ لاءِ ڪيون. پي ٽي آءِ چونڊ سڌارا شفافيت لاءِ ڪيون، ڌانڌلي جو پٽڻو پٽيندڙ شفاف چونڊن کان خفا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.